ميرپوربٺوري ۾ اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ ريلي، ڌرڻو

ميرپوربٺورو(ن ع آ) ميرپوربٺورو ۾ جسقم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، انهي سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ چيئرمين اسلم خيرپوري، بابو عثمان ميمڻ ،عمران ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن علي بندر محلي کان بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مغوين جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي  ڪندي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گذريل چئن ڏينهن کان ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو آهي ليڪن انتظاميا ڌاڙيلن وٽ قيد معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ سنجيده نه آهي، هنن چيو ته پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ بجائي سردارن ڏانهن نهاري رهي آهي جنهن سان مغوين جي بازيابي جا امڪان گهٽ آهن، هنن چيو ته ڌاڙيلن وٽ قيد مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.