انساني حقن بابت عوامي ڪچھريون ۽ سيمينار منعقد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي قانون ۽ انساني حقن واري نگران وزير محمد عمر سومرو چيو آهي ته انساني حقن واري کاتي صوبي جي 30 ضلعن ۾ انساني حقن بابت عوامي ڪچھريون ۽ سيمينار منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نگران وزير محمد عمر سومرو جي صدارت هيٺ انساني حقن واري کاتي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. هن سيڪريٽري هيومن رائٽس کي هدايت ڏيندي چيو ته سمورن ضلعن ۾ انساني حقن تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي فعال ڪيو وڃي. نگران وزير وڌيڪ چيو ته شاگردن، وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن کي انساني حقن بابت ٽريننگ ڏني وڃي ۽ انساني حقن واري کاتي جا آفيسر سمورن ضلعن جا دورا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.