چانهه به مهانگي، في ڪوپ 70 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي (م ڊ)کنڊ، کير ۽ پتي جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري چانهه به شهرين کان پري ٿيڻ لڳي آهي، ڪراچي ۾ مهانگائي جي ڪري چانهه جي  هوٽلن تي عوام جي رش گهٽ ٿي وئي، هوٽل مالڪن جو چوڻ آهي ته کنڊ مهانگي ٿيڻ جي ڪري 60 رپين وارو ڪوپ 70 رپين جو ٿي ويو آهي، کنڊ، کير ۽ پتي کانسواءِ بجلي ۽ گئس به چانهه مهانگي ٿيڻ جو ڪارڻ آهن، هوٽل مالڪن موجب ڪٽ چانهه (اڌ ڪوپ) به 50 رپين بدران 60 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهيون، شهرين جو چوڻ آهي ته چانهه مجبوري آهي، ڇڏي نٿا سگهون، کير ۽ کنڊ گهٽ وجهي به پيئنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.