فنڪشنل ليگ طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽر ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي  ته سنڌ م امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، ڪشمور، جيڪب آباد، گھوٽڪي، شڪارپور سميت ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ فوجي آپريشن شروع ڪيو وڃي ته جيئن عوام سڪون سان زندگي گذاري سگھي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پوليس بنا دير امن امان قائم ڪري مغوين کي آزاد ڪرائن، جاري بيان ۾سردار عبدالرحيم چيو ته سنڌ م ڌاڙيل ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪشمور انڊس هاءِ وي، حيدرآباد، مورو، ھڱورجا، خيرپور، ٺٽو، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ عوام ڌرڻا ھڻي پنھنجا حق گھري رھيا آھن، اسان ڌرڻن جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، اغوا ٿيلن کي بنا دير آزاد ڪرايو وڃي، عام شھرين سان گڏ پوليس جوانن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.