اغوا واقعا: جي ڊي اي پاران متحده کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت

ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ايندڙ حڪومت جي ڊي اي سان گڏ ٺاهيندي، ٻئي پارٽيون گڏجي  حڪومت ٺاهي چڪيون آهن.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته نگران حڪومت جي بيوروڪريسي کي چونڊن کان اڳ غير جانبدار ٿيڻ گهرجي.جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي جو چوڻ هو ته جيستائين نيون تڪبنديون نه ٿينديون مسئلا حل نه ٿيندا، سنڌ اندر ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، اميد آهي ته نگران حڪومت اغوا ڪندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائيندي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي گذارش آهي ته ايندڙ هر احتجاج ۾ شريڪ ٿئي، جيڪڏهن سڀاڻي جي ڌرڻي ۾ ايم ڪيو ايم به شامل ٿي ته گڏيل لائحه عمل اختيار ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.