احتجاج بعد ڌاڙيلن چيو ته توکي آزاد ڪنداسين: مکي جڳديش

ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن جي قيد مان آزاد ٿي آيل مکي جڳديش ڪمار جو چوڻ هو ته ڌاڙيل  منهنجي تشدد واري وڊيو زوري ڀريندا هئا ڌاڙيلن چوندا هئا ته تنهنجي وڊيوز وائرل نه ڪيوسين ته اسان ڏکيا ٿينداسين مکي جڳديش جو چوڻ هو ته توکي 15 ڏينهن بعد آزاد ڪنداسين وري بعد ۾ ڌاڙيلن چيو ته اوهان لاءِ ڪراچي تين تلوار کان پوري سنڌ ۾ احتجاج ٿين ٿا هاڻي توکي جلدي 8 ڪلاڪن اندر آزاد ڪنداسين، مکي جڳديش جو چوڻ هو ته اڍائي مهينن دوران ڪچي ۾ سڪون ۾ رهان پيو اڍائي مهينن دوران مون شگر ۽ بلڊپريشر جو گوريون نه واپرايون ڌاڙيلن کي آءُ چوندو هئس ته آءُ ساه واري شي نه کائيندس اسان جي مذهب ۾ اهي شيون ناهن مونکي دال يا سبزي ڏني وڃي جنهن بعد ڌاڙيل مون لاءِ جدا دال ڏيندا هئا،مکي لڳل ڌرڻا آڪاش ڪمار جي آزادي تائين لڳل هوندا،

پوليس اهو نه ٻڌايو ته مغوي ڪهڙي گينگ وٽ هئا؟

ڪنڌڪوٽ:پوليس پاران بازياب ٿي آيل ٽنهي بازياب ٿيل مکي جڳديش،جئديپ ۽ ڊاڪٽر  منير نائچ جي بازيابي جي پريس رليز هيل تائين جاري نه ڪري سگهي،پوليس پاران ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي ته ٽئين مغوي ڪهڙي گينگ وٽ هئا ڪنهن هنن کي اغوا ڪيو ڪٿان ٽئين مغوي بازياب ٿيا ڪٿي پوليس مقابلو ٿيو بازيابي بعد اغوا ڪار گينگ خلاف ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو پوليس ان معاملي تي ميڊيا سامهون ڪابه ڄاڻ نه ڏئي سگهيو ايس ايس پي امجد شيخ گذريل رات ٽنهي مغوين کي پاڻ سان گڏ پهريان مزاري هائوس کڻي پهتو

آخري مغوي جي بازيابي تائين سنڌ ۾ احتجاج ۽ ڌرڻا جاري رهندا: جماعت اسلامي

ڪراچي (نمائندا) جماعت اسلامي سنڌ طرفان ڪشمور ڌرڻي جي حمايت توڙي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ ٺُل، گهارو،  ميهڙ، خيرپور،ڪنڌڪوٽ، سانگهڙ، مٺي ۽ سکر سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ريليون ۽ ڌرڻا ھنيا ويا، محمد حسين محنتي ٻٻرلو باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته سراج الحق واحد قومي ليڊر هو جنهن سڀ کان پهرين سنڌ ۾ اڙيل راڄ خلاف آواز اُٿاريو ۽ ڪنڌڪوٽ شڪارپور ۾ ڌرڻا هڻي حڪمرانن کي متوجه ڪيو، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي، ٺل ۾ رهبر چوڪ وٽ لڳل ڌرڻي کي امداد الله بجاراڻي، مولانا رفيع الدين چنا ۽ اعجاز لاشاري خطاب ڪيو، سانگهڙ ۾ راجه وسيم، ظهير جتوئي، محمد طفيل، گهارو ۾ ريلي کي محمد علي خٽڪ، اشرف راجپوت، جيڪب آباد پريس ڪلب وٽ ضلعي اڳواڻ هدايت الله رند، عزيز پيروزادو، مٺي ۾ ريلي کي ميرمحمد بُليدي، عبدالسبحان سميجو، ٻٻرلو باءِ پاس وٽ صوبائي اڳواڻ مولانا حزب الله جکرو، زبير حفيظ شيخ، خيرپور ۾ مولانا ثناالله جوڻيجو، خانپور مهر ۾ عبدالخالق گڏاڻي، ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڪشمور ۾ ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي ۽ افضل عطا ڪلوڙ لڳل ڌرڻن کي خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.