نوابشاهه ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي بک هڙتال

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي سڏ تي ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ڪامريڊ ذوالفقار رستماڻي، استاد اقبال جمالي، سومر ڀنگوار، عاقب نقوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب سامهون گهوٽڪي، ڪشمور  ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٻين علائقن مان ڌاڙيلن پاران اغوا ٿيل ڌرتي ڌڻين جي بازيابي لاءِ علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي ڪارڪنن مغوين جي بازيابي ۽ ڌرتي ڌڻين جي حفاظت ۽ مالڪي لاءِ اُڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي ميڊيا سان ڳالهائنيدي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر گذريل ڪافي عرصي کان هڪ سازش تحت ٻيهر ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏني پئي وڃي سازش سان سنڌ ۾ آباد هندو ڀائرن کي اغوا ڪيو پيو وڃي جنهن جو زنده مثال گلن جهڙي معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جو اغوا آهي جنهن جي بازيابي لاءِ ڌاڙيل وارثن کان لکين روپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن رياست اندر رياست قائم ڪئي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.