ڪشمور واسين سان ايڪتا لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سوين ماڻهن جو ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)ڪشمور واسين سان اظهار يڪجهتي، پريا ڪماري، خيرپور واسي ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو سميت ٻين مغوين جي بازيابي ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ سکر جي سينيئر صحافي شهيد جان محمد/  مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قومي شاھراهه ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ھندو برادري جي سڏ تي سول سوسائٽي سماجي تنظيمن قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن سميت ھزارين  ماڻھن پاران احتجاجي ڌرڻو  ھڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي مکي ايشور لعل، سينيئر صحافي شوڪت نوناري، سماجي اڳواڻ شائسته کوسو ۽ مرزا گروپ اڳواڻ ڪامريڊ محمد کوسو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن جو قومي شاھراه ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪشمور پوليس ۽ هتان جي سردارن جي ملي ڀڳت سبب اقليتي برادري جي معصوم ٻارڙن کان ويندي 80 ورهين جي وڏي عمر جي پوڙهن کي پڻ ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيو ويو  آھن ھنن چيو ته انھن مغوين جي گھرن ۾ قيامت جھڙي صورتحال آھي ۽ اسان ڪشمور جي ڌرڻو ھڻي ويٺل ماڻھن سان ھر محاذ تي گڏ آھيون ھنن چيو ته جيستائين  پريا ڪماري، خيرپور واسي علي ڏنو جوڻيجو،ساگر ڪمار سميت اغوا ٿي ويل سوين ماڻهن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نه ٿيندا تيستائين اسان جا  احتجاج جو دائرو وسيع ٿيندو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.