ڌرڻن اڳوڻن چونڊيل نمائندن ۽ سردارن خلاف شعور بيدار ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ:مغوين جي آزادي لاءِ لڳل ديرا موڙ تي ڌرڻن سردارن اڳيان جهڪيل چهرن ۽ ڳالهائڻ کان لنوائيندڙ شهرين ۾ شعور بيدار ڪري  ڇڏيو،گذريل 5 سالن دوران سابقا چونڊيل نمائندن ضلعي جي ڪابه سار نه لهڻ ۽ بدترين بدامني جي ورچڙهيل ضلعي لاءِ اسيمبلين ۾ ٻڙڪ نه ڪڍڻ تي ڌرڻن ۾ ويٺل اڳواڻن ۽ شهرين سردارن جي پاليسين ۽ سندس انهن جي خاموشي تي خوب ڳالهايو ڌرڻن ۾ شريڪ مقررين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 5 سال سابقا چونڊيل نمائندن اسان جي سار نه لڌي هاڻ اسان کي به انهن جي پرواه ناهي اسان پنهنجا حق هاڻي ڇني زوري وٺنداسين سان گذريل 5 سالن دوران رت جا ڳوڙها ڳاڙياسين اسان وٽ ڪو لڙي نه آيو اسان بيزار ٿي روڊ رستن تي آيا آهيون هاڻ اسين هتان ايستائين نه اٿنداسين جيستائين اسان جا سڀئي مغوي بازياب نه ٿيندا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.