ڌاڙيلن کي پوليس ۽ سردار جديد هٿيار ڏين پيا: لال جروار

مقصودو رند (ن ع آ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار  چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آھي انھن ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار ،  تربيت ۽ تحفظ سنڌ جي پوليس ۽ سردار ڏئي رھيا آھن سردار نه ٿا چاھين ته سنڌ ۾ امن امان قائم ٿئي، سنڌ پوليس سندن ڀاڱي ڀائيوار آھي، وفاقي حڪومت ھاڻي منصوبو اھو ٺاھيو ويو آهي ته ڌاڙيلن جي آپريشن جي آڙ ۾ سنڌ جي 13 لک زمين تي قبضو ڪيو وڃي، نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ صحافي محفوظ ناھن حق سچ لکڻ تي صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي، شھيد جان محمد مھر جا قاتل اڃا تائين گرفتار ناھن ٿيا جڏھن ته ٻي طرف وري سنڌ ۾ معصوم نينگريون محفوظ ناھن سنڌ ۾ وحشي پيرن جي حويلين مان معصوم نينگرين جا لاش ملن ٿا فاطمه ڦرڙو جو ڪھڙو ڏوھ ھو سنڌ ۾ رياست نالي ڪا شيءِ ناهي لاقانونيت آھي ھر طرف بک بدحالي بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ھينئر غريب مسڪين پورهيت ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن ماڻھو بک بدحالي بيروزگاري سبب خودڪشيون پيا ڪن تنھنڪري اسين سمجھون ٿا ته سنڌ لاءِ ھي ھڪ سوچيل سمجهيل سازش آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.