سمورن مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻي ۾ رهندس: زين شاهه

ڪنڌڪوٽ: ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چيو آهي ته اسان ڪشمور جي ھندو پنچائت، وارثن ۽ رھواسين سان گڏ آھيون. ڌرڻو اوھان ھنيو آھي اسان ته ساٿ ڏيڻ آيا آھيون ۽ تيسيتائين نه اٿنداسين جيسيتائين سمورا  مغوي آزاد ٿي گھر نٿا اچن، جڏھن 3 مغوي ھڪ رات ۾ بازياب ٿي سگھن ٿا ته ساگر ڪمار ڇو نه؟ ساگر جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏبو، ان جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رھندو چاھي ڪجھ به ٿي پوي آئون ساگر جي بازيابي تائين ھتي ئي آھيان

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.