حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران معصوم پريا ڪماري، ساگر ڪمار سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ اڄ سڄي سنڌ م مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا، اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙن ۽ اغوا جا واقعا وڌي رھيا آھن، ڏوھاري ماڻھو آھستي آھستي طاقتور ٿي رھيا آھن، قانون تي عمل نه ٿي رھيو آھي، پوليس ۾ موجود ڪرپٽ عنصر انصاف ۾ وڏي رڪاوٽ آھن، سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ جھنگ جو قانون آهي، ڪنھن جو به تحفظ ڪونھي اسان جا ٻچڙا واڳون ۽ مرن جي وات ۾ آھن، سنڌ ۾ ماڻھو ھر پنج منٽ ۾ اھو ڏسي ويٺو ته منھنجو ٻار گھٽي ۾ کيڏڻ ته ڪو نه ويو آهي موٽيو آهي يا ڪونھي ڪا نياڻي گھٽي مان لنگھي آھي گھر پھتي يا اغوا ته ڪو نه ٿي آهي، اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن سنڌ کي المناڪ سانحن جي سرزمين بڻائي ڇڏيو آھي، شاھوڪار سنڌ جا ماڻھون لاوارث بڻايا ويا آھن، تحفظ رڳو حڪمرانن کي آھي، سيڪيورٽي رڳو انھن لاءِ آھي، پوليس ۽ ٻيا ادارا متحرڪ ۽ خبردار رڳو حڪمرانن جي طاقتن لاءِ آھن، باقي عام ماڻھو اغوا ۽ قتل ٿيڻ کانپوءِ به انصاف کان محروم آھي. سنڌ ڌاڙيل ڪلچر خلاف سجاڳ ٿي چڪي آھن.