جسقم جو اڄ وات تي ڪاريون پٽيون ۽ هٿن ۾ زنجيرون وجهي احتجاج

ڪشمور(ن ع آ+ پ ر) ڊيرا موڙ ڌرڻي ۾ مسلسل ٻه ڏينهن کان جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،جسقم مرڪزي قيادت ديدار شام ،مومن سمون،اشرف ڪلھوڙو ،سمع بلاولي سان گڏ موجود، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڌرڻي ۾  خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي لاقانونيت جو مرڪز بڻايو ويو آهي،ڪير به محفوظ ناهي تنهن ڪري اڄ سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني،ڌاڙيلن جي راڄ وات تي ڪاريون پٽيون ۽ هٿن ۾ زنجيرون ٻڌي احتجاج ڪيو وڃي، سکر مان پريا ڪماري کي ٻه سال پورا ٿي ويا آهن پر ان جو سرڪار ڪو به پتو لڳائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، تنهن معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سکر ڊي آءِ جي آفيس اڳيان 21 سيپٽمبر تي احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيان ٿو، هن چيو ته ڪشمور جي ماڻهن خاص ڪري ڪشمور جي نوجوان جي ٻڌي، اتحاد سڄي سنڌ کي جاڳائي ڇڏيو آهي هن چيو ته سنڌ مان ساگر ڪمار ،پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ،ڌرڻي کي ديدار شام، مومن سمون ،اشرف ڪلھوڙو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان لاقانونيت جو راڄ ختم ڪري پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.