سردارن،ڌاڙيلن۽ پوليس جي ڳٺ جوڙ خلاف سنڌ ۾ ڪروڌ، ڌرڻا

ڪشمور/ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي+ممتاز سنڌي+ عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ هندوپئنچائت جي سڏ تي پنجين ڏينهن به هڙتال جاري آهي،هندوپئنچائت جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر  ميهرچند،تارا چند،حاجي حضور بخش مغل،اڪرم باجڪاڻي،سجاد بروهي،اي ڪي اوڳاهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جيستائين سڀئي مغوي بازياب نه ٿيندا ايستائين اڻ اعلانيل مدي تائين هڙتال ۽ احتجاج جاري رهندو،پوليس مکي جڳديش،معصوم ٻارڙو جئديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ کي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن هڙتالن جي پريشر ۾ اچي بازياب ڪرائي ظاهر ڪيو آهي، پوليس جا اهڙا ڊراما هاڻ بند ٿيڻ گهرجن،هنن چيو ته بقايا مغوي به بازياب ڪرايا وڃن،عوام ۾ سجاڳي اچي چڪي آهي هاڻ اسين وڏيرن جي درٻار ۾ نه پر اسين روڊن تي عوامي طريقيڪار سان پنهنجا مسئلا حل ڪرائينداسين هنن چيو ته 5 سالن تائين سابقا چونڊيل نمائندن کي اسان جي پرواه نه هئي هاڻ اسان کي به انهن جي پرواه ناهي،جڏهن ته بازياب ٿي آيل مکي جڳديش ۽ جئديپ ڪمار به ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي ۾ پهتا جن جي پهچڻ تي ڌرڻي ۾ ويٺل اڳواڻن ۽ شهرين خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي مغوين جي آزادي تي کين مٺايون ورهايون، هوڏانهن رات دير سان ايس ايس پي ڪشمور ڌرڻي واري هنڌ پهچي چئن ڏينهن جي مهلت ورتي جنهن بعد ڪشمور ۾ لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو. جڏهن ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي وئي، ڪشمور پوليس سان ھندو پنچائت کي واحد ساگر ڪمار جي بازيابي جي خاطري ڪرائي،ڪنڌڪوٽ واسڻ نازيا کوسو ۽ سندس نياڻي ڪوثر کوسو ۽ بخشاپور واسي ظھير خالدي جي وارثن جي بازيابي لاءِ ڪا به تاريخ نه ڏني مغوي نازيا کوسو جي وارثن ايس ايس پي امجد شيخ آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ مغوين کي بازياب نه ڪرائڻ تي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ڌرڻي ۾موجود قومپرست اڳواڻن زين شاهه، درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف جي پير ميان عبدالحسيب قادري ۽ ٻين ھندو پنچائت جي ڌرڻي ختم ڪرڻ واري اعلان تي چيو ته ڪشمور واسين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان اظهار يڪجھتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ڌرڻي جي ڪاميابي کانپوءِ پوري سنڌ ۾ ڌرڻا لڳا ۽ احتجاجن بعد 3 مغوي بازياب ٿيا جيڪڏهن ھندو پنچائت ڌرڻو جاري رکي ھا ته ساگر ڪمار سميت ٻيا مغوي به بازياب ٿين ھا ان موقعي تي گذريل چار ڏينهن کان لڳل ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاه، پنھل ساريو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ،سھائي آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ھيومن رائيٽس اڳواڻ شانو کوسو ۽ ٻين ڌرڻي ۾ پھچي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر) ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي سان يڪجهتي طور سنڌ جي امن امان جي خراب ٿيندڙ  صورتحال، عدم تحفظ، قانون جي بالادستي نه هئڻ خلاف  حيدرآباد ۾ وائيس آف ڪوهستان پاران اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين  ۾ ريلي ڪڍي وئي، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش، ڪشور ڪمار ڀاٽيا ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني واري ماحول تي تمام گهڻو افسوس آهي، هن وقت اتر سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي،ميھڙ ۾  انڊس ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻي سبب لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي کي  نياز علي ٻرڙو ، سيد لعل شاھ ، ڊاڪٽر مڪيش ، دليپ ،نانڪ رام، وڪيل منور جتوئي ، وڪيل رضوان حيدر ،غلام مصطفي چانڊيو، عبدالله ڏيرو، الياس ڪلھوڙو ، ايوب کوسو، اسماعيل بروھي ۽ ڊاڪٽر ھيمن داس ، مولوي منظور چانڊيو ، محمد ھاشم ٻرڙو ، عادل چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو،اسلام ڪوٽ ۾  اشرف سمون،محسن لنجو،سيد ڀورل شاھ،تنيراج ڀيل،مهش مهراج،غني سميجو،سُڌير راٺوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،جروار ۾ به بدامني ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ هندو پئچائت جي اڳواڻن وڪي ڪمار مڪيش ڪمار ايس ٽي پي اڳواڻ محمد بخش گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جروار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جهمپير ۾  ڪشمور جي مغوين توڙي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري باء پاس چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو سول سوسائٽي ۽ ھندو برادري پاران ڏنل سڏ جي موٽ ۾ شھرين مڪمل ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ مين باءِ پاس چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي ديوان مڪيش ڪمار، رشيد درس، زاھد بروھي، مير عالم زھري، سراج پالاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ جھنگ جو قانون بنايو ويو آھي سنڌي ھندن کي پنھنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پيئي وڃي،جهڏو ۾ باشعور فورم طرفان عزيز گل، جيرام داس صوفي، ونود ڪمار، امولک داس، چيتن ڀيل، مير حسن لنڊ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان ريلي ڪڍي وئي،خانپورمهر ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا،خانپورمهر جي ھندو ينگ جنريشن، جماعت اسلامي، جسقم، مينگهواڙ پئنچائت پاران هريش ڪمار ڪانيه، عبدالخالق گڏاڻي، ايڊووڪيٽ پرديپ ڪمار، دودو مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي طرف جميعت علماء اسلام جي ڪارڪنن حافظ نصرالله گبول، ثناء الله گڏاڻي، مولوي منير احمد گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڪنري ۾ احتجاج جي اڳواڻي جيون ساگر ميگھواڙ، نھال ميگھواڙ، ڀرت لکاڻي، رمضان خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي ،هوڏانهن مٽياري ميڊيا ھائوس پاران ڪشمور ۾ ھندو برادري جي لڳل ڌرڻي جي حمايت ، ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ، اغوا ، ڦرن ، ڌاڙن ، منشيات فروشي ، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن خلاف ڌرڻي کي جي ايم بابو خاصخيلي ، رياض چانڊيو ، عبدالرزاق ميمڻ ، عبدالشڪور  ميمڻ ، نصير ميمڻ ، ڄام شوڪت ابڙو ، محمد علي ابڙو ، ڊسٽرڪٽ بار جي اڳواڻن شاھد شمس ميمڻ ، قاضي اخلاص ، ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفي رند ، جسقم اڳواڻ رشيد ڏيٿو ، جسقم آريسر اڳواڻ تاج حيدر درس ، جي ڊي اي اڳواڻ پير وھاب سرھندي ،آبادگار اڳواڻ نانا نويد سمون ، جي يو آئي اڳواڻن سليم سنڌي ، صالح سومرو ، نواز ليگ اگواڻ منصور نواز ، حافظ امتياز چنا ، رجب بوزدار ، فقير محمد منصوري ، طالب عمراڻي ، ماجد خاصخيلي، امجد ميمڻ ، واحد جان مري ،گل محمد ھموپوٽو جو چوڻ ھو ته  مٽياري ضلعي ۾ بدامني عروج تي آهي مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي جو غريب مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي،پٿورو ۾ به اعجاز علي آريسر ، مڪيش ڪمار جسواڻي ، منظور آريسر ، يعقوب نھڙي ، خانصاب اڪبر پلي ، اظھر ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پٿورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ،شاھپورچاڪر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي محمود رخشاڻي جي سڏ تي عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر راڻو ڪنڍاڻي مانجھائي، جماعت جي سرواڻ ڀلوڙ صوفي راڳي  مانجھي فقير ،فنڪشنل ليگ جي مٺل فقير وساڻ، زاھدہ ڏاھري،مولوي محمد صالح شر ، سيد ولي محمد شاھ ،مکي نند ڪمار لوھاڻو، لالا لياقت، صوفي انب فقير،پ پ شھيد ڀٽو جي شاهد ميمڻ ، جي اڳواڻي ۾ نواب شاھ ۽ سانگھڙ مين ھائي وي  روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ٽنڊي باگي ۾ ڪامريڊ اشو لوھاڻو،تاراچند لوهاڻه وسيم ڪنڀر ،غلام شبير ميمڻ، غلام قاسم خاصخيلي، دوست محمد چانڊيو، سيف علي ميمڻ، عبدالرحمان سمون،  هريش ڪمار، ارشاد خواجا، منظور سمون، ڌرمون مل لوھاڻي جي اڳواڻي اوڏيرولال ۾ به ساجد حسين ھڪڙو، سائين بخش ھڪڙو، جنيد احمد ھڪڙو،  مير ياسر ٽالپر ،راجا وزير سنگراسي ۽ شڪور ناز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا،سجاول ۾ ڊاڪٽر ھوت چند ، ڊاڪٽر شيام ڪمار ، اڳوڻو صدر ماڌو داس جي اڳواڻي ۾ ريلي ۾ مولوي اشرف ميمڻ ، مولوي حسن قاسمي ، آفتاب پنھور ، محسن سنڌي، نثار احمد ميمڻ ، شاعر اياز امر شيخ ، سلطان کوسو ، گل حسن رند ، حسين آزاد ، سيف الله جوڻيجو ، شبير سمون منظور ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي،ٽنڊو محمد خان ۾ سوين شهرين سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر جي ايم گل ، ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ، پيپلز منارٽي ونگ جي اڳواڻ سريش ڪمار آلواڻي ، هنڌو پنچائت جي موهن لال ايسراڻي ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ عمران لغاري ، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ پنهل جمالي ، زاهد جسڪاڻي ، قومي عوامي تحريڪ جي ونود ميگهواڙ ، پ پ جي محمد جمن ڪيهر ، واپاري تنظيم جي شيراز ميمڻ ، ايڊووڪيٽ علي شير جانوري ، ايڊووڪيٽ باسط ميمڻ ، آبادگار اڳواڻ نبي بخش سٺيو ، اديب تاريخدان مشڪور ڦلڪارو ، سماجي اڳواڻ منور لال ، ترقي پسند پارٽي جي اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،جيڪب آباد ۾ لالچند سيتلاڻي، مير احمد علي بروهي حاجي گل حسن سومرو، ڊاڪٽر اي جي انصاري، عبدالستار جاگيراڻي، وڪيل مظفر علي رند، نور محمد منجهو، جي ايم سومرو ،مير انور خان سومرو، عبدالحئي سومرو، محمد عالم کوسو، عبدالنبي سومرو، وارث جکراڻي، محمد يوسف ميمڻ، سميع الله سرهيو، گلاب جان مينگل، سريچند ڀاوناڻي، عبدالطيف سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جروار ۾ وڪي ڪمار، مڪيش ڪمار،محمد بخش گبول ۽ ٻين ميرپورماٿيلو ۾ وقار احمد بوزدار ، اياز کھاوڙ ، نصرالله گڏاڻي، پرويز بوزدار، جنيد جلباڻي، صوفي اياز شيخ ٽنڊي الهيار ۾ سائين بخش جروار ، محمد بچل سميجو ، منصور جروار  لاڙڪاڻي ۾ سعيدالله چانڊيو، فرمان کوسو، سجاد پنھور، وڪيل جکراڻي، آفتاب گوپانگ، زبير جمالي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا،جڏهن ته ڪشمور جي مغوين جي بازيابي لاءِ شروع ٿيل تحريڪ ٿر پهچي وئي،مٺي ۾ ٿر بار ايسوسيئشن جي صدر غلام مصطفىٰ هنگورجو،پ پ اڳواڻ ننڌلال مالهي،مير محمد بليدي،عبدالسبحان سميجو،اوڀايو جوڻيجو،وسند ٿري،منور ساگر،اڪبر درس،ڪلديپ پارواڻي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل بئنڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، سکر ۾ مکي ايشور لعل ۽ سماجي اڳواڻ شائسته کوسو جي اڳواڻي ۾  ڌرڻو ھنيو ويو ،پنوعاقل ويجهو گذريل شام 4 وڳي کان قومي شاهراهه تي لڳايل ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري، ڌرڻو هڻي ويٺل مظاهرين پنوعاقل شهر جا اندريان رستا به بند ڪري ڇڏيا  موٽر وي انٽرچينج وارو رستو به بند، ايس ايس پي روحل کوسو جون مظاهرين سان ڳالهيون ناڪام، عبدالجبار چاچڙ سميت سمورن مغوين جي بازيابيءَ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.