اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي کي آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. پرويز الاهي کي آزاد ڪري وڪيل جي گاڏي ۾ روانو ڪيو ويو پر پوليس لائنز کان ڪجهه پري پهچندي ئي کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب پرويز الاهي کي اسلام آباد پوليس جي دهشتگردي ٽوڙ ڊويزن گرفتار ڪيو آهي. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ڊي سي اسلام آباد سميت ڌرين کي طلب ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب گهري ورتو چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او آرڊر تحت گرفتاري رد ڪرڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق جهانگيري ٻڌڻي ڪئي. وڪيل چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي لاهور پوليس کان کسي اسلام آباد آندو ويو.لاهور هائيڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست تي آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسلام آباد ۾ اوهان هنگامو، احتجاج يا جلسو ڪيو؟ وڪيل ٻڌايو ته ڪو به احتجاج يا جلسو ناهي ڪيو ويو نه ئي هنگامو ڪيو.بعد ۾ عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.