ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ناليواري ليکڪ نصير ميمڻ چيو ته ڌرڻن جو اجھل سلسلو ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ ڪيڏي اوٻر آهي، سياسي ڌريون ٿوريون منظم هجن ته ان اوٻر کي اڀار ۾ بدلائي سگهن ٿيون، سنڌ جا مسئلا نبيرڻ جيتري سگھ ايڏي ڏهڪاءَ ۾ به جھڪي ناهي ٿي رڳو قيادتون ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جو سعيو ڪن ڊاڪٽر عصمه جوڻيجو چيو ته سمورا مغوي 12 وڳي تائين موٽائي ڏيندس، ڌرڻو ختم ڪيو،شبير علي بجاراڻي هاڻي پاڻ اندازو ڪريو ڌاڙيلن جو پاٿاريدار ڪير،شهاب اوستي لکيو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر ڌاڙيلن جي سرپرست ڀوتارن جا سياسي محافظ پاور جي ڊوڙ ۾ مصروف آهن، ۽ ڇو نه هجن سنڌ کيسي م جو پئي آهي،صحافي دودي چانڊيو لکيو ته اي سنڌ تنهنجا ڇيڙا سرا جاڳي پيا موملون جاڳي پيون ۽ مينڌرا جاڳي پيا،، لو يو سنڌ جون ڀينرون ۽ ڀائر، جيڪي روڊن تي ويٺا آهيو، اوهان ئي سنڌ آهيو ، اوهان ئي اسان جا دودا ۽ ٻاگهلون آهيو،سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا چيو آهي ته ڪراچي ۽ ڪشمور ۾ اغوائن خلاف ھلندڙ عوامي احتجاجن جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا، پنھنجي شھرين جي تحفظ لاء قوم کي نڪرڻو پوندو