اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت ڪالهه اڱاري ڏينهن واپار واري وزارت پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪئي. نگران وزيراعظم کي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ واپار واري وزارت پاران ملڪ ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ امڪاني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي بهتر اسڪيننگ ۽ معائني جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون.