ٽراءِ روم

تحرير: شازيه مظهر

بونينزا جي بوتيڪ ۾ وڳو پسند ڪرڻ کان پوءِ  پنھنجي سائيز جي ڊريس لاءِ دڪاندار کي چيم. ھن ٻڌايو ته ميڊم اوھان جي سائيز جو وڳو ھڪ ٻي ميڊم ٽراءِ  روم ۾ پائي ڏسي رھي آھي. اوھان ٽراءِ  روم جي ٻاھر ھن جو انتظار ڪيو جيئن ھو ٻاھر اچي ۽ خريد نه ڪري ته اوهان کائنس وٺي ٽراءِ  ڪري سگھو ٿا ڇو جو ان سائيز جو اسان وٽ ھڪ ئي وڳو بچيو آهي.

آئون ٽراءِ  روم جي ٻاھر بي انتظار ڪرڻ لڳم پر مونکي ڪجهه  عجيب محسوس پئي ٿيو ڇو جو اندران ڪنھن جي ڳائڻ جو آواز پئي آيو ۽ لڳي پيو ته ڪير فوٽو به پيو ڪڍي ڇو ته ڪيمرا جي ٽڪ ٽڪ جو آواز به آيو پئي. خير آئون الاھي دير بيٺي رھيس نيٺ بيزار ٿي دروازي کي کڙڪايم. منهنجي کڙڪائڻ کان پوءِ  دروازو کليو جيئن دروازو کليو ته منھنجون اکيون به کليل رھجي ويون ڇو ته مون سمجھيو ھو ته دروازو کلندو ته وڏي گھراڻي جي فيشن ايبل سھڻي مائي ٻاھر ايندي پر ھتي تي سين ئي ٻيو ھيو.  ميرا ڪنا ڪپڙا پاتل جنھن مان پگھر جي ڌپ پئي آئي، لڳ ڀڳ سترھن ارڙھن سالن جي ٿلهي جسم واري ڇوڪري نڪتي. ھن مون کي ايئن ڏٺو ڄڻ مون ھن جي ڪا چوري پڪڙي ھجي. مون ھن کان اهو وڳو گھرڻ چاھيو پر ھن مون کي ڏيڻ بجاءِ دڪان واري کي سڏ ڪري کيس ڏنو ۽ تڙ تڪڙ ۾ دڪان مان نڪري وئي.

مون دڪان واري کان پڇيو ھيءَ ڪير ھئي. ھن وراڻيو ته ميڊم مونکي خبر ناھي اسان ته ھن کي دڪان اندر اچڻ ئي نه پيا ڏيون پر ھن چيو مونکي شاپنگ ڪرڻي آهي ۽ اسان کي ھن پيسا به ٻڌايا. مونکي حيرت ٿي ته صفا اھڙي ڇوڪري جيڪا ڏسڻ ۾ ڪنھن فقير جيان يا جهڳين ۾ رھڻ واري لڳي پئي اها اھڙي مھانگي شاپنگ مال ۾ ڪئين اچي ٿي سگھي.

خير مون اهو وڳو خريد ڪيو ۽ دڪان مان نڪري آيس. پر منهنجي ذھن ۾ اھا ڇوڪري رھجي وئي.پنهنجي شاپنگ وسري وئي ۽ هن کي ڳولهڻ جي خواهش پيدا ٿي ته اتي ئي ھن کي ھڪ ٻئي بوتيڪ ۾ ڏٺم. نه چاهيندي به آئون ھن بوتيڪ ۾ ھلي ويس. اها ان شاپنگ مال جي سڀ کان گهڻي مهانگي بوتيڪ ھئي. جنھن مان آئون به گھٽ شاپنگ ڪندي آھيان. ڏٺم پئي ته ھن ھڪ بھترين وڳو پسند ڪيو ۽ ٽراءِ  روم ۾ ھلي وئي. آئون به پنهنجي عادت کان مجبور ٽراءِ  روم جي ٻاھر بيهي ان جو انتظار ڪرڻ لڳم ساڳيا آواز اچڻ لڳا. مون کان کل نڪري وئي. پاسي بيٺل دڪان دار حيرت وچان مونکي ڏسڻ لڳو ته هيءَ پنهنجي منهن ڇا تي کلي رهي آهي. ڄڻ مونکي چري سمجهندو هجي. ھن کي ڪھڙي خبر ته مون کان وڌيڪ چري ته ٽراءِ  روم ۾ موجود آهي. ھن جيئن ئي مونکي ٽراءِ  روم کان ٻاھر ڏٺو ته ڪاوڙ مان ڪنو منھن ڪري ٻئي پاسي ڏسڻ لڳي ۽ وڳو دڪان واري کي واپس ڪري تڪڙ ۾ نڪري وئي.

اهو ڏسي منهنجي دلچسپي وڌي وئي ۽ ھن جي پويان پويان وڃڻ لڳس.  پر ھن مون تي ڌيان نه ڏنو. ھوءَ پنھنجي مستي ۾ مست ھئي، ڪڏھن ڪنھن ميڪ اپ جي دڪان تي ته ڪڏھن وري ڪنھن جيولري جي شاپ تي. پر مون ھڪ ڳالھه نوٽ ڪئي ته ھن ورتو ڪجهه  به نه ،بس ونڊو شاپنگ ۾ رڌل ھئي پر ھن جي ونڊو شاپنگ جي چڪر ۾ منهنجي شاپنگ رھجي وئي. پر آئون به پنهنجي تجسس واري عادت کان مجبور هيس . جيڪا ننڍپڻ کان منهنجي اندر ۾ موجود آھي. جنھن کي منھنجا گھر وارا پنچائت واري عادت ڪري سڏيندا آهن پر آئون پاڻ کي ڊيٽيڪٽيو چوندي آھيان.

پوءِ اوچتو ياد آيو ته مونکي ته گھر جو کائڻ پيئڻ جو راشن به وٺڻو آهي ان لاءِ  آئون گروسري واري ڊپارٽمنٽ ۾ ھلي ويم، کير ۽ ڪريم جا دٻا وٺندي منھنجي نظر وري ان ڇوڪريءَ تي پئجي وئي پر ھن ڀيري ان جي خريداري ڏسي مونکي حيرت وٺي وئي. ھن الاھي ڪجهه  خريد ڪيو ھيو کوڙ سارو سامان. دل ۾ آئون چوڻ لڳم ته ماڻھو چون ٿا مهانگائي ٿي وئي آهي، کائڻ پيئڻ لاءِ  پيسا ڪونهن پر ھن غريب ڇوڪريءَ ته مونکان به وڌيڪ خريد ڪيو آھي. شڪل ۽ ڪپڙن سان ته غريب مسڪين ٿي لڳي پر پيسو ته جام اٿس.

منھنجي دل چيو ته ساڻس ڪچھري ڪيان پر ھوءَ شاپنگ ڪري، رفو چڪر ٿي وئي. هونئن به مونکي قطار ۾ رش جي ڪري دير ٿي چڪي هئي، ۽ ھن جو وارو پھريون ھيو سو ھوءَ جلدي ٻاھر نڪري وئي. منهنجي ساڻس ڪچھري واري حسرت دل ۾ رھجي وئي ۽ مونکي اردو جو مشھور گانو ياد اچي ويو ته ”دل کي ارمان آنسئون مين بھه گئي“. منھنجو ارمان پورو نه ٿيو ۽ دل جي چاھ دل ۾ رھجي وئي. پر پيٽ ۾ بک جا ڪئا ڌمال مچائي ويٺا ھيا سو انھن کي به انٽرٽين ڪرڻو پيو ۽ فوڊ ڪورٽ هلي ويس.  برگر ۽ فرائيز جو آرڊر ڏئي ڪرسي تي ويھي انتظار ڪرڻ لڳم ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳم ته ڪير ڇا ڇا پيو کائي ۽ ڪيئن پيو کائي. ايتري ۾ ڏٺم ته اُها ساڳي ڇوڪري اوپي ٽي جو وڏو برگر وڏو وات کولي مزي سان کائي رھي ھئي ۽ ڪيڏانھن به نه پئي ڏسي، مست پنهنجي مستي ۾ ھئي. گڏ سيون اپ جي بوتل جا وڏا ڍڪ به ڀري پئي. اتي مونکي محسوس ٿيو ته ھن مال ۾ ھڪڙي آئون ئي نه پر ٻيا به ھن کي غور سان پيا ڏسن ڇو جو پنھنجي ڏيک ويک ۾ انتھائي غريب پئي لڳي ۽ اسان وٽ ڪنھن غريب کي اھو حق ناهي جو اھو اميرن جي مال ۾ وڃي عياشي ڪري ھا اهي امير ميڊمن سان گڏ اچي سگھن ٿيون. انھن جي ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ .

ھي منھنجي لاءِ  بھترين وقت ھيو ساڻس ڳالهائڻ جو. آئون سندس ڀر سان ڪرسي تي ويھي رھيم ھوءَ کائڻ ۾ ايتري ته رڌل ھئي جو خبر ئي نه پيس. جڏھن وڏو گرهه اندر ۾ ڳڙڪي ويس تڏھن ھن جو ننڍيون اکيون مونکي ڏسي، کليل ئي رھجي ويون! اوھان ڪير ۽ سڄو فوڊ ڪورٽ ڇڏي. مون وٽ ڇو ويٺا آهيو.مونکي تون وڻين ٿي تنهن ڪري تو ڏانهن آئي آهيان. ڀوڳ نه ڪيو ميڊم، اوھان مون تي کلو ٿيون. ڇو کلندم تون چري آھين ڇا. ھا چري آھيان. چرين کي اڃا سڱ ٿيندا آهن ڇا. ٿوري دير لاءِ  آئون ڊڄي ويم ته ڪٿي ھيءَ واقعي به چري ته ناھي. ڇو تون پاڻ کي چريو ڇو پئي چوين. ڪجهه  نه بس .نه مونکي ٻڌاءِ

مون سان ڳالهائيندي هوءَ تڙ تڪڙ ۾ کائي به رھي ھئي. ايتري ۾ سندس اينڊرائيڊ فون تي ڪنھن جي فون آئي. ھن رڪڙ ۾ فون اٽينڊ ڪيو ۽ چوڻ لڳي ته چاچا ڊرائيور بس اچان ٿي. واھ، ھن جو ڊرائيور به آھي سٺو موبائيل به اٿس. ھيءَ واقعي به ڪا چري آهي تڏھن ته اھڙا حال ڪري پئي ھلي.

ٻڌ تون ڀلي وڃ پر مونکي پنهنجي باري ۾ ضرور ڪجهه  ٻڌائي وڃ نه ته آئون سمھي نه، سگھندس. ڏس پياري پليز!

ميڊم ڇا اسان کي جيئڻ جو حق ڪونھي، اسان اوھان وانگر سٺا ڪپڙا نٿا پائي سگھون ته ڇا اھو خالي ڪمرو جنھن کي اوھان ٽراءِ  روم ڪري سڏيو ٿا ڇا ھن خالي ننڍڙي ڪمري کي اسان پنهنجي دنيا نٿا بڻائي سگھون. ڇا اھو ڪمرو به اوھان جو خريد ڪيل آهي. ھن ڪمري ۾ مون پنهنجي پسند جا ڪپڙا پائي پنھنجو سيلفيون ۽ وڊيوز ٺاھي پنهنجي ننڍڙي دنيا کي خوش پئي ڪيو، اوھان لاءِ  اھو ٽراءِ  روم آھي پر مون لاءِ  اھو ھن وقت منھنجي خوابن جي دنيا ھئي. مون پاڻ کي ڪنھن ملڪ جي شھزادي سمجھي گانا پئي ڳايا پر اوھان مونکي ھتي به نه ڇڏيو .

پر تون غريب ته ناھين، ايتري خريداري جو ڪئي اٿئي، تنھنجي پنهنجي گاڏي آھي، ڊرائيور تنھنجو انتظار پيو ڪري پوءِ  ھي ڪپڙا تو لاءِ  ڪھڙا مھانگا؟ ھن وڏو ساھ کنيو .ميڊم ھي سڄو سامان جنھن جي گھر ۾ آئون ڪم ٿي ڪيان ان جو آھي، گاڏي منهنجي نه پر ميڊم جي آھي . اڄ ميڊم جي طبيعت خراب ھئي ۽ گھر لاءِ  سامان کپي پيو. ميڊم مونکي چيو اڄ تون اڪيلي وڃي خريداري ڪري اچ. آئون اڪثر ميڊم سان ھن مال ۾ گڏ ايندي آھيان. ميڊم خريداري ڪندي آهي ۽ آئون سندس ٻارن کي سنڀاليندي آھيان. جڏھن ميم ٽراءِ  روم مان نڪري ڪپڙا ڏيکاريندي ھئي صاحب کي ته مونکي الاھي پسند ايندي ھئي. منهنجي به دل چاهيندي ھئي ته آئون به ايئن ڪپڙا پايان پر آئون ته ھي سڀ ڪجهه  خواب ۾ ئي ڪري سگھان پئي . اڄ مونکي موقعو ملي ويو پنھنجي خوابن جي دنيا کي ٿوري دير لاءِ  ئي سھي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جو ۽ ٽراءِ  روم منهنجي خوابن جي ساڀيان بڻجي ويو.

اھو چئي ھو فوڊ ڪورٽ مان نڪرڻ لڳي. آئون به ھن جي پويان پويان وڃڻ لڳم. آٽوميٽڪ دروازو پاڻ ئي کليو ۽ سامھون ھڪ وڏي پراڊو گاڏي بيٺي ۽ هيءَ ڇوڪري جنھن کان مون نالو به نه پڇيو  سا  گاڏي ۾ ويھي رھي ۽ ڊرائيور سامان گاڏي ۾ رکڻ لڳو.

منهنجي ذھن ۾سندس اھو جملو گردش ڪندو رھيو ته ھي ٽراءِ  روم منهنجي خوابن جي ساڀيان نڪتو!!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.