دنيا جي هن خطي تي سنڌ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي. جڏهن پاڻ مهين جي دڙي کي ڏسون ٿا ته هڪ شاهوڪار سنڌ نظر اچي ٿي پر جڏهن هاڻوڪي سنڌ تي نظر وجهون ٿا ته دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. هزارن سالن جي قديم سنڌ ڀومي هن وقت ڏکيائن ۽ پيڙائن مان گذري رهي آهي اڄوڪي سنڌ کنڊرن جو ڏيک ڏئي ٿي.
1947ع کان اڳ سنڌ ۾ ايتريون حالتون خراب نه هيون جيترا هاڻ ٿي چڪيون آهن سنڌ کي هٿ وٺي پوئتي رکيو ويو آهي. سنڌي عوام کي ٻه وقت جي ماني لاءِ ئي پريشان رکيو ويو آهي سنڌي ماڻهن تي هر طرح سان ظلم جا پهاڙ ڪرايا ويا آهن هن وقت به سنڌ ۾ باهه ٻري رهي آهي هر طرف رڳو هڪڙي ئي صدا آهي ڀنگ جي خاطر اغوا ڪيل ماڻهن آزاد ڪيو اهي ماڻهن جيڪي هن ڌرتي جا دودا آهن امير سنڌ جا غريب ماڻهن آهن سنڌ ۾ ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو سالن کان هلندو پيو اچي ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته صرف عام ماڻهن کي ئي کنيو وڃي ٿو.
هن وقت سنڌي قوم کي اها ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ڌاڙيل گيري کي سنڌ ۾ متعارف ڇو ڪرايو ويو آهي ان جي پويان ڪنهن جا هٿ آهن ۽ ڇا ڌاڙيل ايترا طاقتور آهن جو رياست انهن جو ڪجهه نٿي بگاڙي سگهي. هي هڪ سازش آهي ۽ اهڙي سازش آهي جنهن جي ورچڙهيل سڄي سنڌ آهي.
جڏهن ڪنهن قوم جي جاڳڻ جو خطرو ٿيندو آهي تڏهن هن قوم تي ظلم ڪيو ويندو آهي هر پاسي خوف جون ديوارون کنيون وينديون آهن اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ وڏيراڻو سرداري نظام مسلط ڪيو ويو آهي. هن طبقي غريبن جي مٿان هر طرح سان ظلم ڪيا ۽ پهنجي فرعونيت قائم رکڻ لاءِ ڌاڙيلن کي جنم ڏنو. سردارن ڪچي جي علائقن ۾ پنهنجا پنهنجا ڌاڙيل ڇڏي کين چيو ته ماڻهن ايترو ظلم ڪيو ته اهي ڪڏهن به اسانجي اڳيان ڪنڌ نه کڻي سگهن. سندن وجود ۾ خوف کي اهڙي طرح ويهاري ڇڏيو ته جئين ڪا مائي بختاور نه پيدا ٿئي ڪا امان جندو نه پيدا ٿئي، ڪو بشير قريشي نه پيدا ٿئي پر هنن سردارن وڏيرن ڀوتارن کي خبر ئي ناهي ته اڄ سنڌ جي هر نياڻي مائي بختاور آهي هر نياڻي جندو جيترو حوصلو رکي ٿي سنڌ جا دودا مئا ناهن خوف کي جيترو ڊڄاربو اوترو ئي تيزي سان انقلاب اچڻ جا انديشا هوندا آهن.
هن وقت سنڌ جي نوجوانن جيڪا شعور جي لاٽ ٻاري آهي تنهن سڄي سنڌ کي جيئڻ جي هڪ نئين اميد ڏني آهي نئون حوصلو ڏنو آهي اغوا ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪشمور جو عوام جيئن ٻاهر نڪتو آهي تنهن سڄي سنڌ کي جاڳائي ڇڏيو آهي هن وقت سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ سڀني جو هڪڙو ئي مطالبو آهي ته ماڻهو بازياب ڪرائي ڏيو عوام جي زور تي هڪ ٻه ماڻهو ڇڏيا ويا آهن پربنا ڪنهن مقابلي جي بنا ڪنهن ڪارروائي جي جهڙي ريت ايس پي امجد شيخ ڌرڻ وارن کي گوليون هڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون تنهن مان ظاهر ٿيو ته هو ڌاڙيل جي ونگار وهي رهيو آهي.
هتي اها ڳالهه سمجهڻ جي آهي ته ڪچي ۾ ويٺل ڌاڙيلن کي هٿيار ڪير ٿو پهچائي؟ جڏهن هو ماڻهن کي ڀنگ وٺڻ لاءِ اغوا ڪن ٿا ويڊيوز جي ذريعي پيغام ڏين ٿا ڇا انهن جا موبائل لوڪيشن ٽريس نٿا ٿي سگهن ؟ ۽ ڌاڙيل صرف غريبن کي ڇو ٿا کڻن ڪڏهن ڪنهن سردار جو پٽ کنڀجيو آهي ڪڏهن ڪنهن ايم اين اي پٽ کي اغوا ٿيندي ڏٺو جڏهن سڀني کي خبر آهي ته ڪچي جا ڌاڙيل با اثر آهن ته فوج ڇو آپريشن نٿي ڪري جيڪڏهن فوج آپريشن ڪري ته هڪ ڏينهن ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو اچي سگهي ٿو .
سنڌ ۾ هن وقت سرادرن ڌاڙيلن جو ڳٺجوڙ آهي ٻارنهن آنا سردار جا چار آنا ڌاڙيل جا ۽ هنن ٻنهي جي ساٿاري پوليس آهي ان جي ڪري ئي بار بار ساڳي جڳهين تي ساڳيا ايس پي مقرر ڪيا وڃن ٿا جيڪي اڳ ئي ڌاڙيلن جا ساٿاري آهن ڌاڙيل اڳي به هئا رحيم هنگورو پرو چانڊيو ڦل ماڇي هي اهي ڌاڙيل هئا جن تي فلمون ٺهيون جن جو ذهن ڏوهاري قسم جو هو پر هو اصول پرست هئا پرو چانڊيو جڏهن گذاري ويو تڏهن سندس مٿان يارنهن هزار اجرڪ پيا، 12 رپين جي اخبار 15 رپئي ۾ وڪرو ٿي ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جي ماڻهن کي تحفظ ڏيندا هئا، نياڻين جي عزتون ڪندا هئا، غريبن جي مدد ڪندا هئا اڄ جا ڌاڙيل معصوم ٻارن کي ۽ عورتن کي کڻن ٿا ۽ ساڻن زيادتيون ڪري ويڊيو ٺاهي پبلڪ ڪن ٿا اهي ڌاڙيلن جي نالي تي به گار جيان آهن جن سڄي قوم کي چند سياسي گروه چند سردارن جي ڪري يرغمال ڪري رکيو آهي .
سردار چون ٿا اسانجو ڌاڙيلن سان واسطو ناهي پوءِ ڇو تيغوخان تيغاڻي بگٽين وٽ وڃي معافي ورتي ۽ ماڻهن ڇڏايا هي سڀ هڪ ئي ٿالي ۾ کائڻ وارا آهن هڪ طرف مهانگائي عوام کي پريشان ڪيو آهي اهڙي ۾ عوام ڳرا ڀنگ ڪٿا ڀريندو ڪيئن پيارن کي آزاد ڪرائيندو ؟ سو سنڌ جي ڪچي ۾ آپريشن ڪري ڌاڙيل راڄ ختم ڪرايو وڃي. ڇاڪاڻ ته عوام کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي چيف جسٽس کي پاڻ سنڌ جي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي سنڌ جو وزير اعليٰ اڃان تائين ڌرڻي ۾ ناهي پهتو سنڌ پوليس سردار سڀ مليل آهن هنن سڀني جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ مان ڏوهن جو خاتمو اچي ۽ سڀني يرغمالين کي بازياب ڪرايو وڃي ته جيئن سڀ پنهنجي پيارن ڏي موٽي اچن سنڌ ۾ هن وقت به هر هنڌ ڌرڻا لڳل آهن سنڌي جوانن شعور جي جيڪا شمع روشن ڪئي آهي اها سنڌ کي هڪ نئين راهه ڏيکاريندي سنڌ جي شعور کي سلام پيش ڪجي ٿو جيڪڏهن اها ٻڌي قائم رهي ته سنڌ کي ترقي ڪرڻ کان ڪير روڪي نه سگهندو