اتر ڪوريا جي دنيا ۾ ھڪڙي سڃاڻپ ھي آھي تھ ان ملڪ ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آھي.اتر ڪوريا شايد دنيا ۾ ھن وقت واحد ملڪ ھجي جنھن جو اڳواڻ وقت بوقت آمريڪا جھڙي سپر پاور کي سڌا جواب ڏيندو رھي ٿو. اھو اڳواڻ” ڪم جونگ ان “ آھي.جنھن بابت آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جو سربراهه ڪم جونگ ان روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات لاءِ روس اچي رھيو آھي. اتر ڪوريا جو ھي نوجوان اڳواڻ پنھنجي سيڪيورٽي جي حوالي سان انتھائي حساس آھي. شايد ھن جي زندگيءَ کي ايترا خطرا بھ ھجن.
ان سلسلي ۾ آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز وڌيڪ لکيو آھي تھ، اتر ڪوريا جو سربراهه هن مهيني روسي صدر سان ملاقات ڪندو، ڪم جونگ ان، ممڪن آهي ته بڪتربندي ٽرين ذريعي روس پھچي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪم جونگ، صدر پيوٽن سان يوڪرين جنگ لاءِ هٿيارن جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، جڏهن ته ملاقات جي صحيح هنڌ بابت ڪا به ڄاڻ جاري ناهي ڪئي وئي.آمريڪي اخبار جي رپورٽ تي اتر ڪوريا يا روس طرفان فوري طور تي ڪوبه تبصرو نه ڪيو ويو.
ممڪن ملاقات ان وقت ٿي رھي آهي جڏهن وائيٽ هائوس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اسان وٽ ڄاڻ آهي ته روس ۽ اتر ڪوريا هٿيارن بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن. جنھن بابت ’روس کي هٿيار ڏيڻ بند ڪريو‘، آمريڪا اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان کي خبردار ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته آمريڪا گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ روس ۽ يوڪرين جنگ ۾ روس کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي صورت ۾ اتر ڪوريا کي خبردار ڪيو هو.
آمريڪي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا جو خيال آهي ته روسي بچاءَ واري وزير جولاءِ ۾ ملاقات دوران اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان کي هٿيار وڪرو ڪرڻ تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.آمريڪي ترجمان جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن گذريل مهيني روسي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ھڪ ٻئي کي خط لکيا ھئا. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي وچن جو اظهار ڪيو هو.