پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي ترجيح آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون  ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ گهري مذهبي، ثقافتي ۽ ٻولي جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، شاعر مشرق علامه اقبال ۽ هفت زبان شاعر سچل سرمست جي ڪلام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني ڪرڻ آهي، پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اڱاري ڏينهن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مغدم سان ڳالهائيندي ڪيو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيايران جي سفير مرتضيٰ سولنگي کي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.