ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گهرو ۽ جيل کاتن واري نگران وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪاروباري سرگرمين کي بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته پرامن ۽ ڏوهن کان پاڪ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعميراتي صنعت سميت ڪاروباري برادري سان سهڪار ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي آباد جي چيئرمين الطاف تائي جي اڳواڻي ۾ 12 رڪني وفد سان سندس آفيس ۾ ڳالهائيندي چئي. وفد گهرو وزير کي ٻڌايو ته آباد جا ميمبر شهر جي مختلف علائقن ۾ زمينن تي قبضا ۽ مقامي پوليس جي مبينا ملوث هجڻ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. وفد وڌيڪ چيو ته زمينن تي قبضن جو معاملو واپاري برادري ۾ پريشاني ۽ مايوسي پيدا ڪري رهيو آهي ڇو ته ڪجهه پوليس اهلڪار ڪرپشن ۾ ملوث آهن ۽ آباد جي ميمبرن جي زمينن تي قبضن ۽ ڏوهن ۾ ملوث آهن. نگران گهرو وزير وفد کي يقين ڏياريو ته معاملي جي جاچ ڪئي ويندي ۽ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،هوڏانهن برگيڊيئر(ر)حارث نوازموبائل فون کي جوابدارن کان بچائڻ جو آسان طريقو ٻڌائي ڇڏيو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته هڪ طريقو ته اهو آهي ته موبائل کي اهڙي جاءِ تي رکو جتي چوري نه ٿئي،ٻيو اهو ته موبائل فون اندر واري کيسي ۾ رکو، هن چيو ته شهري پاڻ به اسان ۽ پوليس جي مدد ڪن