شهباز ڪابينا ۾ اتحادين جا وفاقي وزير ۽ مشير وڌيڪ هئا: عرفان صديقي

اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينه ۾  مسلم ليگ (ن) جي وفاقي وزيرن ۽ مشيرن جو انگ 13 جڏهن ته پ پ ۽ ٻين پارٽين جي وفاقي وزيرن ۽ مشيرن جو انگ 21 هو. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڇا هنن 21 ميمبرن بنا اڪيلي سر مسلم ليگ (ن) ڪو فيصلو ڪري سگهي پئي. شهباز شريف جي ڪابينه ۾ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي وزيرن ۽ مشيرن جو انگ 13 جڏهن ته پ پ ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي وفاقي وزيرن ۽ مشيرن جو انگ 21 هو. هن چيو ته مراعتن، سهولتن ۽ عالمي دؤرن دوران ته ڪٿان به ڪو آواز نه اُٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.