اسلام آباد(م ڊ) گهرو معاملن جي نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به فرد يا گروهه طرفان تشدد پسنداڻين سرگرمين کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي وطن واپسيءَ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن وزيراعظم طرفان ڏنل هدف تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پاڪ- ايران سرحد تي وڌيڪ 3 بارڊر ڪراسنگ کولڻ جي حوالي سان ايڪشن پلان جلد مڪمل ڪيو ويندو.