اسلام آباد( م ڊ) حڪومت کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي ايڪشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ذريعن موجب ايف بي آر سمورين شگر ملن جي دروازن تي ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن ۽ ناڻي واري وزارت به اسمگلرن خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۽ ايران جي سرحدن تي چيڪنگ به وڌائي وئي آهي ۽ سرحدن تي اسمگلرن جي آمد و رفت روڪڻ لاءِ ڳجهن ادارن جي مدد ورتي پئي وڃي. فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت هدايت ڪئي آهي ته هر صوبو کنڊ جي ذخيره اندوزي روڪڻ لاءِ اسپيشل ٽاسڪ فورس جوڙي ۽ غير قانوني منافع خورن خلاف ڪارروائي تيز ڪري.