اقبال ميمڻ، بقاءُ الله انڙ، سردار شاهه، نجم شاھ کي تجويز ڪيل کاتن ۾ مقرر ڪرڻ تي اعتراض

ڪراچي(رپورٽر) اليڪشن ڪميشن پاران ڪامورن جي بدلين ۽ مقررين لاءِ سنڌ سرڪار جي سفارش ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ کي تعليم کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ تي اعتراض  واريا ويا آهن،  اقبال ميمڻ کي گهرو کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن شيرين ناريجو کي اسڪول ايجوڪيشن ۾سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، بقاءُ الله انڙ کي ليبر کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ تي به اعتراض واريا ويا، جڏهن ته شارق احمد کي ليبر کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، عاطف رضا کي گھرو سيڪريٽري ۽ سردار شاھ کي سيڪريٽري آبپاشي لڳائڻ تي به اعتراض ڪيا ويا آهن، نياز عباسي کي آبپاشي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، نجم شاھ کي صحت کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن اعتراض واريندي کيس جھنگلي جيوت کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،  جڏھن ته ناصر عباس سومرو کي به سيڪريٽري خوراڪ مقرر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ساجد جمال ابڙو کي سيڪريٽري سوشل ويلفيئر مقرر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل نثار احمد ميمڻ کي اسپيشل سيڪريٽري ناڻو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل محمد علي شيخ کي اسپيشل سيڪريٽري ھيلٿ، اختر علي قريشي کي ڊي جي ليبر، آغا شاھنواز کي اسپيشل سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اعجاز علي پٺاڻ کي اسپيشل سيڪريٽري ايس ايم آءِ اي اينڊ آءِ ٽي مقرر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، سنڌ جي  6 ڊويزنز جي ڪمشنرن جي سروسز کاتي واري سفارش منظور ڪئي وئي آهي، سليم راجپوت ڪمشنر ڪراچي، خالد حيدر شاھ ڪمشنر حيدرآباد، فيصل عقيلي ڪمشنر ميرپورخاص، محمد ساجد ڪمشنر شهيد بينظيرآباد، ذوالفقار شاھ ڪمشنر سکر ۽ وحيد شيخ ڪمشنر لاڙڪاڻو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ميرپورخاص جي ڪمشنر شفيق مهيسر، سکر جي ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦُل ۽ شهيد بينظير جي ڪمشنر محمد عباس بلوچ کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، وفاق مان آيل 21هين گريڊ جي زاهد عباسي کي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقرر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.