ڪجهه عرصو اڳ تائين حڪمران طبقن، سرڪاري ۽ لبرل دانشورن، ٿڪل سياسي ڪارڪنن ۽ تجزيي نگارن جو اهو خيال هو ۽ هن وقت به آھي ته سنڌ جا ماڻھو مسلسل ناانصافين ۽ ڏاڍاين خلاف نه اٿندا ۽ جيڪڏھن اٿندا تڏھن به عارضي طور وري خاموش ٿي ويندا پر ڪجهه ڏينهن اڳ سڀ ڪجهه بدلجي ويو. هندو پنچائت جي سڏ تي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي ان جي تسلسل سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو.
سنڌ ۾ هندو برادريءَ جي چئن فردن جي اغوا کانپوءِ ڪشمور ۾ چئن ڏينهن کان احتجاجي ڌرڻو ڏنو پئي ويو، اهو ڌرڻو هندو پنچائت مجبور ٿي هنيو ڇو ته ڌاڙيلن سندن ماڻهن کي اغوا ڪيو هو. پيپلزپارٽي جي پندرنهن سالن جي حڪمراني دوران هي ڌاڙيل سنڌ ۾ طاقتور ۽ سگهارو ٿيو آھي. هن جي پويان وري اهي سگهاريون قوتون آھن جيڪي لڪل طريقي سڄي ملڪ کي هلائين ٿيون. نام نهاد سولين پارٽيون جيڪي هن وقت اقتدار جي لالچ ۾ انهن جي ڪڇ ۾ ويهي رهيون آھن اهي هنن سڀني مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آھن پر هن ڌرڻي خاموشي واري جمود کي ٽوڙي ڏيکاريو . آخري رپورٽن موجب ڪالهه دير سان اهو ڌرڻو ختم ڪرايو ويو.
ڌرڻي جي ڪري سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن اچڻ وڃڻ واري ٽريفڪ بند هئي، جنهن جي ڪري مسافرن ۽ ٽرڪن کي سخت مشڪل درپيش هئي. اهڙي ريت سڄي سنڌ ۾ ھاءِ ويز تي ڌرڻن جو سلسلو هلندڙ هو، جيڪو رڪجڻ بدران وڌي رهيو هو سنڌ جيڪا خاموش ھئي اها ڪر موڙي اٿي چڪي هئي.
هوڏانهن پوليس ان ڌرڻي جي نتيجي ۾ يرغمالين کي بازياب ڪرائي ورتو هو، جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته اهي ان وقت تائين ڌرڻو جاري رکندا جيسيتائين اغوا ڪيل ماڻهو واپس نه ٿا ملن.
ڌرڻي جو انتظام ڪرڻ وارن ٻڌايو ته تازو ٻارن سميت هندو برادريءَ جي گهٽ ۾ گهٽ چئن ڄڻن کي ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ضلعن مان اغوا ڪيو ويو آهي، جن ۾ 24 ورهين جي ساگر ڪمار، جگديش ڪمار، ديپ ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير شامل آهن.ڌرڻي کي سول سوسائٽيءَ کان سواءِ سياسي، قوم پرست ۽ مذهبي پارٽين جي به حمايت حاصل هئي ۽ ان ۾ مختلف اڳواڻ شرڪت به ڪئي.
ڇويهن سالن جي ساگر ڪمار جي ڀاءُ راڄ ڪمار وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ کي هٿياربند ماڻهن نائين آگسٽ تي ان وقت اغوا ڪيو هو جڏهن هو ويجهي هوٽل تي رات جي ماني کائي رهيو هو.
هن ٻڌايو ته اغوا ڪرڻ وارا موٽر سائيڪلين تي سوار هيا، جن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف هيا. انهن منهنجي ڀاءُ کي ڀريل بازار مان سولائي سان کنڀي ورتو ۽ شهر مان ٻاهر نڪري ويا، جڏهن ته هر جاءِ تي پوليس جون چيڪ پوسٽون موجود آهن.ساگر ڪمار ٻڌايو ته اغوا ڪرڻ وارن ڀاءُ کي آزاد ڪرڻ جي عيوض 10 ڪروڙ رپيا ڀُنگ گهُريو آهي، جڏهن ته هو ۽ سندس ڀاءُ ڊراءِ فروٽس جو دڪان هلائيندا آهن ۽ سندن ڪمائي تمام گهٽ آهي.
محمد ثاقب پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هوڏانهن سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ، ڪراچيءَ ۾ به سوين شهرين اغوا ٿيلن جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪيو ۽ حفاظت سان سندن واپسيءَ جي گهُر ڪئي آهي. مظاهري ڪندڙن ۽ شريڪ ماڻهن چيو ته ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ ڀُنگ جي لاءِ اغوا جي واقعن ۾ ٿورائيءَ وارين جاتين جي ماڻهن جو وڌندڙ انگ ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي ويو آهي.
گهرو معاملن جي نگران وزير، برگيڊيئر ريٽائرڊ حارث نواز مظاهري ۾ شريڪ شهرين کي يقين ڏياريو هو ته اغوا ٿيلن کي ستت ئي بازياب ڪرايو ويندو ۽ اهي ستت ئي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس اچي ويندا. هن اهو روايتي جملو پڻ چيو آھي ته حالتون خراب ڪرڻ ۾ پاڙيسري ملڪ ملوث آھي پوءِ اهو سوال اڀري ٿو ته اسان جون ايجنسيون ڇا ڪري رهيون آھن ؟ هن چيو ته پوليس ڌاڙيلن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري رهي آهي.
ڪنڌڪوٽ مان صحافي مير علي ٻڌايو ته ٻئي پاسي، ايس ايس پي ڪشمور، امجد احمد شيخ ڪشمور ۾ ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته اغوا ٿيلن کي حفاظت سان واپس آندو ويندو، جنهن جي لاءِ درياهه جي ٻنهي پاسن تي پوليس جي ڪارروائي جاري آهي، ۽ هينئر تائين 30 کان وڌيڪ اغوا ٿيلن ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ۽ باقي ٻين کي ستت ئي ڳولهي لڌو ويندو.
اطلاعن مطابق، اغوا ڪندڙ اڃا تائين متاثر ڪٽبن کان ڀُنگ جي گُهر ڪري رهيا آهن، ۽ ٻيءَ صورت ۾ کين اُگرن نتيجن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽر ڊائون هڙتال آهي ۽ ڪاروباري مرڪز بند آهن.
اغوا ٿيلن جي بازيابيءَ جي لاءِ هندو پنچائت ۽ سول سوسائٽي سياسي جماعتن جي ڌرڻن جو مرڪز ’ڊيرا موڙ انڊس هاءِ وي هو، جتي ساڳئي وقت پنج ڌرڻا ڏنل هيا، جنهن جي ڪري سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان واري ٽريفڪ جي اچ وڃ بند هئي. انڊس هاءِ وي بند هئڻ جي ڪري مسافر ٽن ڏينهن کان وٺي سخت پريشان هيا. هن ڌرڻي پهريون ڀيرو اسلام آباد کي سخت پيغام ڏنو آھي.