ملڪ ۾ ھن وقت عام واھپي جي شين جون قيمتون وڌي ويون آھي.ٻئي پاسي عوام بجلي جي ڳرن بلن خلاف احتجاج ڪري رھيو آھي.قانون جي رٽ قائم ٿيندي نظر نٿي اچي. معاشي بحران جئين پوءِ تيئن وڌڻ ڪري عام ماڻھن ۾ بي يقيني جي ڪيفيت پيدا ٿي رھي آھي.جنھن سان سموري معاشري ۾ بگاڙ ٿي ويو آھي.
ملڪي ڪرنسي جي مقابلي ۾ ڊالر مسلسل وڌي پيو.جنھن ڪري جيڪي اسم ٻاھران گھرائڻا پون ٿا انھن جا اگهھ آسمان تي وڃي پھتا آھن.اصل مسئلو جيڪو عام ماڻھو کي پيش اچي رھيو آھي اھو ھي آھي تھ ھن جي دانھن ٻڌڻ وارو ڪو بھ نظر نھ پيو اچي.ان سبب ماڻھو بي يارومددگار ٿي ويا آھن،ھڪ بيوسي جي صورتحال سماج تي ڇانيل آھي.
عام واھپي جو ھڪ اھم اسم کنڊ جي قيمت گذيل 40 ڏينھن ۾ 40 رپيا وڌڻ بعد اھا ھن ھڪ ڏينھن اڳ رپورٽ ٿيل قيمت کان بھ وڌيڪ مھانگي ٿي وئي آھي. ملڪ جي ڪيئي شهرن ۾ ڊبل سينچري کانپوءِ به کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.ڪوئيٽا ۾ في ڪلو کنڊ تي 15 رپيا وڌي،جنهن کانپوءِ في ڪلو کنڊ ٻه سئو ويهه رُپين تائين وڃي پهتي آهي. چمن ۾ في ڪلو کنڊ 230 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ به في ڪلو کنڊ جي قيمت 200 رپيا ،لاهور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 176 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، پر ننڍن دڪانن ۽ بازارن ۾ کنڊ گم ٿي وئي آهي.سرگوڌا ۾ ٽن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت ۾ في ڪلو 35 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هڪ ڪلو کنڊ 185 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.
اھو تھ ھڪڙو اسم آھي پر جيڪڏھن عام مارڪيٽن ۽ ٻھراڙين وارن علائقن ۾ جائزو ورتو وڃي تھ ان اتي ڪنھن بھ شيءَ جو ڪو مقرر اگهھ ناھي. روز روز گھريلو استعمال جي شين ۾ ٿيندڙ اضافي ماڻھن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي پر ان سلسلي ۾ نگران حڪومت جو ڪو بھ ادارو عوام جي دانھن ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.جنھن ڪري ماڻھن ۾ ڪاوڙ وڌي رھي آھي ۽ خود نگران حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان ماڻھو مايوس ٿي ويا آھن.پر وري بھ سوال ھي آھي تھ ايندڙ حڪومت ڪڏھن ايندي جنھن سان ماڻھن جو ڪنھن نھ ڪنھن طرح جو ھڪ تعلق ھوندو آھي. ھڪ چونڊيل حڪومت کان وري بھ ماڻھن کي اھو آسرو ھوندو آھي تھ انھن وٽ دانھن ڏبي انھن کان پڇاڻو ڪيو ويندو. ان جي مقابلي ۾ نگران سيٽ جي سموري مشينري خلق خدا کان مڪمل لاتعلق ٿي وئي آھي.
اسان جي ارباب اختيارن کي گذارش آھي تھ عوام جي مسئلن خاص ڪري امن امان ۽ مھانگائي کي روڪڻ جي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن،جئين ماڻھو ھن مھانگائي واري طوفان ۾ گھٽ ۾ گھٽ مقامي واپارين جي ھٿ سان ڪيل مھانگائي کان تھ بچي سگھن. ٻي صورت ۾ ماڻھن جي بي چيني ڪنھن بھ وڏي حادثي کي جنم ڏئي سگھي ٿي.
-
جديد سنڌ جي عام ماڻھن جي جدوجھد ۽ اتساھ
سنڌ ۾ روايتي سياست جا طور طريقا بدلجي رھيا آھن، جديد ٽيڪنالوجي وسيلي عوام پڻ نئين دور سان ھم آھنگ ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي.سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي ھلايل مھم بعد ڪشمور جي شھرين پاران مغوي شھرين جي بازيابي لاءِ شروع ڪيل جدوجھد جديد سنڌ جو ھڪ نئون روپ آھي.ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي جي لاءِ شروع ٿيل شٽر بند ۽ ڌرڻن تي مقامي انتظاميا جي منفي ردعمل سان عوام ۾ ورھين کان موجود ڪاوڙ ٻاھر نڪري آئي، ڪشمور جي ماڻھن جي حق ۾ جنھن طريقي سان سنڌ مان ماڻھن جواب ڏنو آھي. اھا ھڪ طرح سان گھڻي اتساھيندڙ ڳالھه آھي.جنھن سان سمورن ماڻھن ۾ ھڪ ٻئي جي ڏک ۽ تڪليف کي محسوس ڪرڻ واري جذبي جي پڻ عڪاسي ٿئي ٿي.ھن جدوجھد اھو پڻ ثابت ڪيو تھ جيڪڏھن ماڻھو پنھنجي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿيندا تھ انھن کي سموري سنڌ جو ماڻھو ڀرپور موٽ ڏيندو.
ھن جدوجھد اھو بھ ثابت ڪيو تھ عام ماڻھو اڳواڻن کي مجبور ڪري سگھي ٿو تھ اھو سندن ساٿ ڏين.ڇاڪاڻ جو عوامي حقن جي دعويدارن کي عوام جي جدوجھد شروع ڪرڻ بعد ان ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نٿو بچي.جيتوڻيڪ ھن جدوجھد جي نتيجي ۾ ڪا وڏي ڪاميابي تاحال نھ ٿي آھي پر اھو ھڪ بھترين ٽيسٽ ڪيس ھو،جنھن سان سرڪار اعلان ڪيل ٽن مان ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو آھي باقي ٽيئن کي بھ جلد بازياب ڪرائڻ گھرجي.
سنڌ ۾ ڌاڙيلن وٽ رڳو اھي ٽي مغوي نھ آھن، چيو ٿو وڃي تھ درجن کان بھ وڌيڪ ماڻھو ڌاڙيلن وٽ قيد آھن.ماڻھن کي ھمٿ ڪرڻ گھرجي ۽ انھن کي پڻ بازياب ڪرائن گھرجي. سنڌ جو ماڻھو جنھن انداز ۾ ھن مسئلي تي اٿي کڙو ٿيو ھو اھو ھڪ بھتر عمل ھو.
سمورين سياسي ڌرين کي گھرجي تھ اھي ھن جدوجھد مان سبق پرائين ۽ سنڌ جي اھم مسئلن کي ترتيب ڏئي ان جي تياري ڪري ماڻھن کي انھن جي حل لاءِ ميدان ۾ اچڻ جي اپيل ڪن.
سنڌ ڪنھن ھڪ نھ پر ڪيترن مسئلن جي ور چڙھيل آھي.جنھن ڪري انھن سمورن کي ان صورت ۾ ئي حل ڪرائي سگھجي ٿو جڏھن اتحاد ڪجي. تازي جدوجھد ايڪي ۽ اتحاد جو بھ ھڪ سبق ڏنو آھي. ماڻھو ھاڻي آواز ۾ آواز ڏين ٿا. ممڪن ھجي ان جو ھڪ سبب جديد ٽيڪنالوجي ھجي،جنھن ماڻھن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آھي، ھاڻي جڏھن سڀني جا سور ساڳيا آھن، انھن جا ڏک ھڪجھڙا آھن، انھن جون خوشيون بھ ساڳيون آھي، تھ پاڻ ۾ نھ گڏجڻ جو تھ ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ؟تنھن ھوندي بھ سياسي ويڇا ماڻھن کي ورھائي ٿا ڇڏين.ان ڪري عام جيڪو سادو سٻاجھو ۽ عوام جو ھڏڏوکي آھي اھو سڀني جو ڀرجھلو آھي. اھو ئي اسان جي سنڌ جو ھيرو آھي اھو ئي ھن جدوجھد جو اڳواڻ آھي. جيڪڏھن سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن تي عوام اھڙي موٽ ڏيندو تھ اھو ممڪن ناھي تھ سنڌ کي ڪو مفت جو مال سمجھي ڦري يا لٽي سگھي.
…………………