ڪراچي/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سطح تي ڪرپشن وڏي پيماني تي آهي ۽ رياستي ادارن ۾ گورننس جا مسئلا آهن. سوشل ميڊيا تي عوامي ۽ صحافتي رد عمل پڻ سامهون آيا آهن. تجزئي ڪارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 25 ڀيرا آءِ ايم ايف ڏانهن وڃي چڪو آهي جيڪا دائمي معاشي ڪمزوري جي علامت آهي. صحافڻ سحرش مان لکيو ته اها رپورٽ معاشي ناڪامي ۽ ڪرپشن جي ايف آءِ آر آهي، سيڙپڪار آءِ ايم ايف رپورٽ پڙهڻ کانپوءِ سيڙپڪاري ڇو ڪندا؟ صحافي ارسلان ملڪ موجب، ڪرپشن جي ڪري آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ لاڳاپا خراب آهن. صحافي هارون الرشيد چيو ته هاڻي پرڏيهي / سيڙپڪاري جو آسرو ختم ٿي ويو. اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر لکيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو تسلسل آهي ۽ ڪرپشن جي ڪري ئي ملڪي مجموعي ترقي متاثر ٿي رهي آهي. ايس آءِ ايف سي ۾ وڏي پئماني تي شفافيت جو مطالبو به سامهون آيو آهي. معاشي ماهر جاويد حسان تبصرو ڪيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ ظاهري طور 27هين ترميم لاءِ تيار ڪيل هڪ خاص هٿيار آهي، رپورٽ ۾ اهو مسئلو ڇڏيو ويو آهي ته عدالتون ناڪام ٿي ويون ۽ حڪومت جو پيش ڪيل حل مڪمل طور تي قبول ڪرڻ ئي مسئلن جو واحد حل آهي. رپورٽ کي استعمال ڪندي ساڳيو خراب نظام مضبوط ڪيو ويندو جنهن کي هن رپورٽ ۾ ظاهري طور درست ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هي رپورٽ پاڪستان ۾ جاري جمهوري بحران کي عالمي جواز ڏيندي. اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته هي رپورٽ اسان لاءِ شرمناڪ آهي، اسان ڪرپشن تي ضابطو آڻي معيشت 6 سيڪڙو تائين آڻي سگهون ٿا. اڳوڻي گورنر محمد زبير الزام هنيو ته ڪرپشن تي موجوده حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، پاڪستان جي عوام کي بدردي سان ڦريو ويو آهي، اها ڦرلٽ نه بيهندي. هن چيو ته هي رپورٽ ايس آءِ ايف سي خلاف هڪ سخت فرد جرم به آهي. هن چيو ته جون 2023 ۾ جڏهن ايس آءِ ايف سي ٺهيو ته 100 ارب ڊالر سيرپڪاري جا واعدا ڪيا ويا پر ڪجهه به ناهي آيو.