دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ ايئر شو دوران ڀارت جو ويڙهاڪ جهاز تيجس ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پائلٽ به اجل جو شڪار ٿي ويو.
ڀارتي ايئر فورس دبئي ايئر شو دوران مقامي طور تي تيار ٿيندڙ ويڙهاڪ جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، جڏهن ته پائلٽ فوت ٿيڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي جهاز دبئي ايئر شو ۾ مظاهري دوران ڪِريو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته دبئي ايئر شو دوران اهو حادثو ٻه لڳي 10 منٽن تي پيش آيو ۽ جهاز دبئي ايئر شو جي ايروبيٽڪ اسٽنٽ دوران ڪِريو، حادثي جو شڪار جهاز 2016 کان سروس ۾ موجود هو.
دبئي ايئر شو دوران ويڙهاڪ جهازن جي مظاهري جو سيشن شوقينن جو پسنديده ترين ايونٽ هوندو آهي پر ڀارتي ويڙهاڪ جهاز سان پيش آيل حادثي کانپوءِ اهو ايونٽ روڪيو ويو آهي.
You might also like