دوحا (ويب ڊيسڪ) رائزنگ اسٽارز ايشيا ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ بنگلاديش دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڀارت کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
دوحا ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ ڀارت به 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون ۽ مقابلو برابر ٿي ويو، پوءِ ميچ جي نتيجي لاءِ سپر اوور جو سهارو ورتو ويو.
سپر اوور ۾ ڀارت بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي ٻئي وڪيٽون وڃائي ڇڏيون ۽ بنگلاديش کي رڳو هڪ رنس جو ٽارگيٽ مليو.
بنگلاديش هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
واضح رهي ته ايونٽ جو ٻيو سيمي فائنل پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن جي فاتح ٽيم آچر تي فائنل ۾ بنگلاديش سان مهاڏو اٽڪائيندي.
You might also like