ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڪراچي ۾ نڪرندڙ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي سلسلي ۾ ماتمي جلوسن جي رستن جي سيڪيورٽي لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن.ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي کان اڳ صوبائي سطح تي سڪيورٽي انتظامن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جيز آءِ جي سنڌ کي ڪراچي شهر مان نڪرندڙ مرڪزي جلوس جي رستن جي سڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڊي آءِ جيز سطح تي سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا مانيٽرنگ روم قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.هن چيو ته اشتعال انگيز تقريرن، پمفليٽن ۽ بينر وغيره جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي.
-
جماعت اسلامي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران پشاور ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪندڙ جماعت اسلامي جي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي ان عمل کي جمهوريت جي نفي ۽ شاه کان وڌيڪ شاه جي وفاداري قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته جماعت جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس في الفور ختم ڪيا وڃن. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي غلام حڪومت اهڙين ڪريل حرڪتن سان جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڊيڄاري نٿي سگهي، جماعت اسلامي هر ظالم حڪمران خلاف عدل ۽ انصاف توڙي اسلامي پاڪستان، خوشحال پاڪستان لاءِ پنهنجي پُرامن جدوجهد جاري رکندي.
-
عوام کي بجلي بلن ۾ رليف جو واعدو پورو نه ٿي سگهيو!
اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف جو ڳالهين واري ٽيم کي ٽف ٽائيم، بجلي بلن ۾ رليف جو واعدو پورو نه ٿي سگهيو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي طرفان عوام کي بجلي بلن ۾ جلد رليف جي فراهمي جو واعدو اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو، نگران وزيراعظم انوار االحق ڪاڪڙ عوام سان رليف جو واعدو ڪيو هو پر اعليٰ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بجلي بلن کي ملتوي ڪرڻ جي پاڪستان جي درخواست تي اڃا تائين منطوري ناهي ڏني، ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي طرفان ناڻي واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت کي سوال موڪليا ويا پر جواب نه مليو، آءِ ايم ايف پاڪستاني ڳالهيون ڪندڙن کي ٽف ٽائيم ڏئي رهي آهي، پاڪستاني عملدارن جو آءِ ايم ايف سان بجلي بجلن جي ادائگي جي فارمولي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.
-
مريم نواز سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات
مري (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات ٿي، ان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز شريف سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي، مريم ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڊگهي ٻه طرفن لاڳاپن جي اهميت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان سان گڏوگڏ ملاقات ۾ تجارت، معيشت، سلامتي، امن ۽ علائقائي استحڪام سميت باهمي سهڪا کي فروغ جي اهميت تي به زور ڏنو ويو، مريم نواز شريف ڪورونا وبا دوران ۽ گذريل سال ٻوڏ دوران آمريڪي سرڪار طرفان سفير ڊونلڊ بلوم جي ڪوششن کي ساراهيو ويو.
-
ڪراچي، ڪروڙين رپين جي ايراني ڊيزل اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس 9 ڪروڙ 60 لک رپين جو ايراني ڊيزل اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ويسٽ پوليس 31 هزار ايراني ڊيزل سان ڀريل هڪ آئل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن جي ماليت 20 ڪروڙ رپيا آهي، ڊي آءِ جي فدا مستوئي چيو ته ٽرڪ ڊرائيور محمد قاسم ۽ محمد ياسين کي گرفتار ڪري پاڪستان ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي،ياد رهي ته نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ ڪسٽم اختيارين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته کنڊ، پيٽروليم مصنوعات، يوريا، زرعي شين ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ کي سختي سان روڪيو وڃي. نگران وزيراعظم اهي هدايتون سرحدي علائقن ۾ اسمگلنگ ڪنٽرول بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون هيون.