ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ ڪراچي طرفان ملڪ ۾ ٿيندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت طرفان پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي بلن ۾ ڪيل اضافي سبب غريب عوام جي چيلھه چٻي ٿي وئي آهي، غريب ماڻهو روزاني 500 کان 800 تائين ڏهاڙي ڪمائي رهيو آهي ايتري مهنگائي سبب سندس گهر جو چرخو هلائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. احتجاج ڪندڙن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام مٿان رحم ڪيو وڃي جيئن غريب عوام سڪون سان زندگيءَ گذاري سگهي.