لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق حڪومت طرفان بجلي جي بلن ۾ واڌ واپس نه وٺڻ واري فيصلي خلاف گورنر هائوس ٻاهران ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته کائڻ پيڻ جي شين پيٽرول ، بجلي جي بلن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف احتجاجي تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ ڦيٿو جام ٿي ويندو.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته رائيٽ ٽو معلومات ايڪٽ جي حق واري قانون تحت جماعت اسلامي آءِ پي پيز جا تفصيل حاصل ڪندي ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي توانائي واري شعبي تي وائيٽ پيپر جاري ڪيو ويندو. هن ڇنڇر جي ڪامياب ملڪ گير هڙتال تي ٽريڊ يونينز عالمن، وڪيلن مزدور يونين ٽرانسپورٽرن ٻين طبقن ۽ پوري قوم جو شڪريو ادا ڪيو.سراج الحق نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو عوام جي آواز کي ٻڌي ۽ گذريل حڪومتن جي فيصلن تي عمل نه ڪري نگران وزيراعظم کي آءِ ايم ايف بدران عوام جي مفادن جو ترجمان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو مهانگائي بابت بيان عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي.