ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي جنرل باڊي ورڪرس جو اجلاس ضلعي صدر صادق علي ميمڻ جي رهائشگاھ تي صوبائي صدر نثار کھڙو جي صدارت ھيٺ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ پ پ سنڌ جو نائب صدر سرفراز راڄڙ، اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھ، نعمان شيخ، جاويد ناياب لغاري، ٺٽي ضلعي جي صدر صادق علي ميمڻ، سينيٽر سسئي پليجو، اڳوڻي ايم پي اي رياض شاھ شيرازي، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو سميت پارٽي جي ضلعي، تعلقي ۽ يوسيز جي عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پوري ملڪ اندر چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا ويندا ۽ انھيءَ سلسلي ۾ پوري سنڌ اندر ضلعي سطح تي جنرل ورڪرس اجلاس سڏائي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري رهيا آھيون. هن چيو ته پي ٽي آئي چيئرمين جي گھڻين سازشن باوجود پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪيو اسان صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي تي ڪابه سوديبازي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته صوبا مضبوط هوندا ته مرڪز مضبوط هوندو. نثار کهڙي ممتاز چنڊ ميمڻ جي رھائشگاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ ن سميت ڪنهن به پارٽي سان اتحاد نه ڪندي، پيپلز پارٽي عام چونڊون پنهنجي پليٽ فارم تي وڙهندي، آئين کان سواءِ ملڪ ۾ صدارتي نظام نٿو اچي سگھي. ھن چيو ته جيڪڏهن آئين ٽوڙڻ جي جرئت آهي ته صدارتي نظام آڻي ڏيکاريو هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي مخالف اتحاد ٺاهيا ويندا آهن، پ پ مخالفن جو اتحاد اليڪشن کان اڳ شڪست جو اعتراف آھي. نثار کھڙي وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت ٻن سالن تائين حڪمراني ڪرڻ جو سوچي به نه، ٻي صورت ۾ عوام سخت رد عمل ظاهر ڪندو. ھن چيو تهنگران حڪومت گهڻي وقت تائين حڪومت نٿي ڪري سگهي، اهو عمل غير آئيني هوندو، پيپلز پارٽي احتساب جي خلاف ناهي. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪيس آهي ته ان کي عدالت ۾ ثابت ڪيو وڃي.