اهم ترين عدالتي شخصيت جي گرفتاري جو امڪان !

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز )  ملڪ ۾ 9 مئي واري بغاوت جي سازش ۾ هڪ اهم ترين عدالتي شخصيت جي ملوث هجڻ جو  انڪشاف، گرفتاري جو امڪان، نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي  اصل  ۾ موجوده  آرمي چيف خلاف بغاوت هئي،  اها سازش اڳواٽ رٿابندي جو نتيجو هئي، جاچ دوران  آڊيو ۽ وڊيو ثبوت ادارن کي هٿ آيا آهن جن مان ڄاڻ ملي آهي ته هڪ اهم ترين عدالتي شخصيت به رٿا بندي جو حصو هئي۽ ان جو خاندان به  ان بغاوت جو حصو هو، بغاوت ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ عدالتي شخصيت  واعدو ڪيو هو ته  ان ڪامياب بغاوت کي هو قانوني قرار ڏيندو ، ان سلسلي ۾ انتهائي اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته 16 سيپٽمبر کانپوءِ جڏهن عدالتي نظام ۾ تبديليون اينديون  ان کانپوءِ ان اهم ترين عدالتي شخصيت جي گرفتاري جا امڪان آهن

عمران پراجيڪٽ جيان  ڪاڪڙ پراجيڪٽ به ناڪام

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) پراجيڪٽ عمران جيان  پراجيڪٽ ڪاڪڙ به ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، نامياري صحافي مبشر لقمان جو چوڻ آهي ته پراجيڪٽ ڪاڪڙ آڻيندڙن جا به هٿ مٿي تي اچي ويا آهن .ڇوته پوري نگران ڪابينا جي اهليت جو  اندازو انهن کي ٿي ويو آهي، ڇوته نگران حڪومت اچڻ شرط مهانگائي ۽ ڊالر جنهن حد کي پهچي ويو آهي   ان صورتحال ۾ نگران وزيراعظم توڙي ڪابينا  عوام کي تسلي بخش جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،  ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه صلاحڪار  مقرر ڪيا ويندا ان سان گڏ ڪجهه وزيرن جا قلمدان  تبديل ڪيا ويندا  ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه وزير فارغ به ڪيا وڃن،  ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ناڪامي جو سڄو بار  اطلاعات واري وزير  مرتضيٰ سولنگي مٿان وجهي ڇڏيو آهي، ان ڪري امڪان آهي ته  ان جو قلمدان به تبديل ڪيو ويندو ان سان گڏ  قانون واري وزير جي  تبديلي جو امڪان آهي

عمران هم خيالن مان مايوس، عالمي عدالت وڃڻ جو  فيصلو

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز )  سپريم ڪورٽ جي هم خيال ججن کان مايوس ٿي  عمران خان انصاف لاءِ  عالمي عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو  ڪيو آهي ، نامياري صحافي  ظفرنقوي جو چوڻ  آهي  ته ان سلسلي ۾  عمران خان جي حامين وڪيل جيفري رابرٽسن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن .وڪيل جيفري ماضي ۾  سلمان رشديءَ جو  وڪيل رهيو آهي، صحافي جو چوڻ آهي ته  انٽر نيشنل ڪورٽ آف جسٽس ۾  اڪثر ڪري رياستي تڪرارن جا ڪيس ويندا آهن ، ڪو شخص يا اين جي او عالمي عدالت ۾ نه ويندي آهي،  اهي ملڪ يا رياستون جيڪي گڏيل قومن جاميمبر هوندا آهن  اهي پنهنجا تڪرار نبيرڻ لاءِ  عالمي عدالتن ۾ ويندا آهن ، لڳي ٿو ته عمران خان جي پرڏيهي حامين  ان ڪيس جي اوٽ ۾ پيسا گڏ ڪري کيسا ڀرڻا آهن ، باقي هڪ شخص جو ڪيس عدالت ۾ هلڻ جو امڪان گهٽ آهي

آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽ بابت ٽوئيٽ ۾ 3 شخصيتون ملوث !

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) صدر عارف علوي 20 آگسٽ تي  آفيشل سيڪريٽ ۽  آرمي ايڪٽ بابت ٽوئيٽ ڪيو هو ته  هن انهن تي صحيح نه  ڪئي آهي، نامياري صحافي عمران شفقت موجب ان ٽوئيٽ بابت حساس ادارن جاچ ڪئي هئي  جنهن دوران شاهديون هٿ ڪيون ويون  ته ان  ٽوئيٽ جي رٿابندي ۾ هڪ اعليٰ عدالتي شخصيت ، بشريٰ بي بي ۽ صدر علوي ملوث هئا، جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جمعي ڏينهن  خاموشي سان آرمي چيف جنرل عاصم منير۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ  جنرل نديم انجم  ايوان صدر پهتا،ڪهڙِن معاملن تي ڳالهيون ٿيون  پر ايوان صدر جي ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته ميٽنگ جو ماحول خو شگوار نه هئو  ان ڪري اندازو اهو آهي ته صدر علوي کي ٽوئيٽ بابت گڏ ڪيل ثبوت ڏيکاريا ويا آهن ۽ کيس عزت سان مدو پورو ڪري  گهر روانگي جو مشورو ڏنو ويو آهي، ڇوته ٽوئيٽ جو مقصد ملڪ کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ هو جنهن تي ادارن کي ڪاوڙ هئي،جڏهن ته صدر علوي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ لاءِ به بي قرار هو۽ ويندي ويندي اڃان به گڙ ٻڙ ڪري وڃڻ جو خدشو هو  ان ڪري اڳواٽ ئي کيس مشورو ڏنو ويو هوندو ته خاموشي سان مدو پورو ڪري عزت سان گهر روانگي ڪيو وڌيڪ گڙ ٻڙ ڪرڻ کان پاسو ڪيو ،  ان ڪري ايوان صدر ۾ هينئر  پراسرار خاموشي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.