منافعي خور بي لغام، ملڪ ۾ کنڊ جي ڊبل سينچري ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي اعلان ۽ نوٽيس منافعي خورن کي لغام نه ڏئي سگهيا ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جي ڊبل سينچري ٿي وئي.
ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه وڌڻ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي ۽ حڪومت منافعي خورن اڳيان بي وس ٿي وئي آهي.
ڪوئيٽا ۾ في ڪلو کنڊ جو اگهه 15 رپيا واڌ کانپوءِ 205 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ هفتي دوران ڪوئيٽا ۾ کنڊ 35 رپيا مهانگي ٿي چڪي آهي.
پشاور ۾ به کنڊ جي اگهه ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي، پشاور جي عام مارڪيٽن ۾ 100 رپيا ڪلو ملندڙ کنڊ هاڻ 200 رپين ۾ ملي رهي آهي.
واضح رهي ته پي ڊي ايم حڪومت کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني هئي پر نگران حڪومت کنڊ جي برآمد تي پابندي لڳائي آهي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملڪ ۾ کنڊ جا وڏي مقدار ۾ ذخيرا هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جو سبب ناقص گورننس ۽ بي ايمان ڪاروباري طريقن کي قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.