هاڻ هڪ موبائل ۾ ڪيترائي واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪرڻ ممڪن

واٽس ايپ طرفان هڪ موبائل ۾ ڪيترائي اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جو فيچر واهپيدار لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.
هيل تائين واهپيدار هڪ فون ۾ رڳو هڪ واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪري سگھندا هئا ڇو جو واٽس ايپ ملٽي اڪائونٽ سپورٽ نه ڪندو هو.
هاڻ هڪ فون ۾ 2 واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪرڻ لاءِ ايپ جي سيڪنڊري ڪاپي بڻائڻي پوندي جيڪا سولائي سان ڪم ڪندي.
رپورٽ موجب اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ نئين بيٽا ورجن ۾ محدود واهپيدارن لاءِ ان فيچر کي نئين يوزر انٽرفيس سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
اهو نئون فيچر واٽس ايپ کي گھڻي هد تائين ميسينجر جهڙو بڻائي ڇڏيندو.
ان فيچر جي ذريعي واهپيدار هڪ ئي فون ۾ ڪيترائي واٽس ايپ اڪائونٽ لاگ ان ڪري سگهندا.
ان فيچر جي ذريعي واهپيدار واٽس ايپ سيٽنگز مينيو ۾ پنهنجي نالي جي اڳيان ٺهيل ڊائون ايرو تي ڪلڪ ڪري مختلف اڪائونٽس تي سوئچ ڪري سگھندا يا نئين اڪائونٽ کي ايڊ ڪري سگھندا.
اهو فيچر انهن ماڻهن لاءِ بهترين ثابت ٿيندو جيڪي واٽس ايپ کي آفيس جي سرگرمين لاءِ به استعمال ڪندا آهن، ملٽي اڪائونٽ سپورٽ سان اهي آفيس ۽ ذاتي زندگي لاءِ ڌار ڪائونٽس استعمال ڪري سگھندا.
جيتوڻيڪ اهو فيچر اڃا بيٽا ورجن ۾ موجود آهي تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته اهو فيچر ڪيستائين سڀني واهپيدارن کي دستياب ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.