مٽي جا ٿانو ۽ مٽڪو اسان جي گهراڻن ۾ اهم شئي رهي آهي، پراڻي زماني ۾ مٽڪي جو پاڻي پيئڻ کي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو. پنهنجي ڪٽنب جي بزرگن کان پڇجي ته اهي ٻڌائيندا ته هنن پنهنجي گهر ۾ مٽڪا ۽ دلا ضرور رکيا هوندا.
جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو ان کي اڄ به استعمال ڪري رهيا آهن پر گهڻو ان کي غيرصروري ۽ پراڻي دور جي شئي سمجهندا آهن پر شايد انهن کي خبر ناهي ته مٽي جي ٿانون مان پاڻي پيئڻ جا ڪجهه حيرت جوڳا فائدا به آهن جيڪي ضرور ڄاڻڻ گهرجن.