راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ مبينا تشدد ۽ زيادتي بعد ٻارڙي فاطما ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ ڊي اين اي رپورٽ بابت وارثن پاران خدشن جو اظهار ڪرڻ کانپوءِ الزام هيٺ آيل جوابدار اسد شاهه جو ڊي اين اي ٻيهر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر، نگران گھرو وزير برگيڊيئر حارث ۽ قانون واري وزير عمر سومرو، صحت واري وزير طرفان جوابدار اسد شاهه جو ڪراچيءَ مان اسپيشل طور ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو جنهن بعد کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. راڻيپور ٿاڻيءَ جو ايس ايڇ او قاضيءَ محمد بچل جوابدار اسد شاهه کي سخت سيڪيورٽي ۾ کڻي ڪراچيءَ پھچي ويو آھي.
پر ايس ايس پي اها ڳالهه مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ۽ عوامي آواز پاران سوال ڪرڻ تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو.