آءِ ايم ايف جا سخت سوال، عوام کي بجلي بلن تي رليف نه ملي سگهيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ طرفان عوام کي بجلي بلن ۾ رليف جي فراهمي جو واعدو اڃا تائين پورو نه ٿي سگهيو.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ عوام سان رليف جو واعدو ڪيو هو پر اعليٰ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بجلي بل ملتوي ڪرڻ جي پاڪستان جي درخواست تي اڃا تائين مڪمل طور منظوري ناهي ڏني.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف طرفان ناڻي واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت کي سوال موڪليا ويا پر ڪو جواب نه مليو، آءِ ايم ايف پاڪستان کي ٽف ٽائم ڏئي رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين جو آءِ ايم ايف سان بجلي بلن جي ادائيگي جي فارمولي تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو پر پاڪستان طرفان هدفن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي ويندي، ڇو ته پاڪستان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڳرن خلاف احتجاج تي نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ چيو هو ته اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي، عوام کي جلد رليف ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.