ڀارت جي چندريان 3 مشن جي روور کي سُمهاريو ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لهندڙ ڀارت جي چندريان 3 مشن جي روور کي ڪجهه عرصي لاءِ سمهاريو ويو.

انڊين اسپيس رسرچ ايجنسي (اسرو) موجب چندريان 3 جي پرگيان روور پنهنجا اسائنمنٽس ۽ تجربا مڪمل ڪري ورتا آهن جنهن کان پوءِ ان جي سليپ موڊ کي ان ايبل ڪيو ويو آهي.

پرگيان روور 11 ڏيهن دوران چنڊ جي سطح تي 100 ميٽر سفر ڪيو ۽ سلفر ۽ آڪسيجن سوڌو مخلتف ڌاتن کي دريافت ڪيو.

اسرو موجب چنڊ تي رات جي شروعات کي نظر ۾ رکندي روور کي غير فعال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان جي ڊيٽا وڪرم لينڊر جي ذريعي زمين تي منتقل ڪئي وئي آهي.

ڀارتي خلائي اداري موجب چندريان 3 مسن جي بيٽري مڪمل چارج آهي ۽ 22 سيپٽمبر تي چنڊ تي ڏينهن جي شروعات سان گڏ سولر پينل کي روشني ملي سگھندو.

جيتوڻيڪ وڪرم لينڊر ۽ پرگيان روور کي چنڊ تي 14 ڏينهن جي زندگي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو هو پر اسرو کي اميد آهي ته چنڊ تي نئين ڏينهن جي شروعات سان ٻئي اٿي سگھندا.

جيڪڏهن ائين نه ٿوي تڏهن به ڀارت جي سفير جي طور تي اتي رهندو.

جيڪڏهن اوهان کي خبر ناهي ته ڄاڻي وثو ته چنڊ جي هڪ رات زمين جي 14 ڏينهن جي برابر هوندي آهي.

7 سيپٽمبر تي جڏهن چنڊ تي رات جي شروعات ٿيندي ته پرگيان روور ۽ وڪرم لينڊر سج جي روشني کان محروم ٿي ويندا.

اهي ٻئي سولر پاور تا ڪم ڪن ٿا تنهنڪري انهن لاءِ ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.