نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اڙيسا ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي جنهن دوران وِڄَ ڪرڻ سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب بجلي ڪرڻ جي واقعن اڙيسا رياست جي مختلف ضلعن ۾ پيش آيا جتي آسمان وِڄَ ڪرڻ سبب 4 ڄڻا خردا ضلعي، 2 بولاگير ۽ 4 ڄڻا انگول ضلعي ۾، بوڌ، جگت سنگهه پور ۽ ڍينڪنال ۾ فوت ٿي ويا، خردا ضلعي ۾ وِڄَ ڪرڻ سبب 3 ڄنا زخمي به ٿيا.
ڀارتي موسمياتي کاتي موجب مون سون سسٽم سبب ملڪ جي مختلف شهرن ڀونيشور ۽ ڪٽڪ ۾ رڳو 90 منٽن دوران ترتيبوار 126 ۽ 95.8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
موسميات کاتي ايندڙ 4 ڏينهن ۾ رياست جي مختلف حصن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ ماڻهن کي کنوڻ دوران محفوظ هنڌن تي رهڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.
You might also like