ٺٽو: ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ جي ھڪ سئو ڪلوميٽرن تائين پکيڙ، ٽراما سينٽر سميت صحت جون سھولت اڻلڀ، بروقت علاج نہ ٿيڻ ڪري فوتگين ۾ اضافو ٿئي ٿو. ٺٽي کان حيدرآباد روڊ تي حادثا معمول بڻيل آھن پر ان جي باوجود ضلعي انتظاميہ سميت صحت کاتي جي اختيارين بروقت صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ ڪي بہ تياريون ناھن ڪيون ويون جنھن جي ڪري حادثن ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ اضافو ٿئي ٿو، ڪينجھر پڪنڪ پوائنٽ سميت جھرڪ رورل ھيلٿ سينٽر تي صحت جون سھولتون نہ ھجڻ برابر آھن، ٺٽي شھر ۾ ٺھندڙ ٽراما سينٽر جو ڪم 15 سالن کان مڪمل نہ ٿي سگھيو آھي، جنھن جي ڪري حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي بروقت علاج جون سھولتون نہ ملي رھيون آھن. نينشل ھائي وي اٿارٽي پاران چليا ڀرسان ٽول پلازہ قائم ٿيل آھي، جتي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ٽول ٽيڪس جي مد ۾ ماھوار ڪروڙين رپين جي اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي.
ٺٽي ۾ ھفتي دوران ٻن روڊ حادثن ۾ 16 فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿيا
ٺٽو: ٺٽي کان حيدرآباد تائين ھڪ سئو ڪلوميٽر تائين روڊ جي حالت خراب ھجڻ ڪري حادثا معمول بڻجي ويا، ھڪ ھفتي اندر ٻن روڊ حادثن ۾ 16 ڄڻا پيارن کان وڇڙي ويا، 17 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ قومي شاھراھ جو روڊ سنگل ھجڻ توڙي روڊ ۾ کڏا ھجڻ جي ڪري انساني جانيون ضايع ٿي رھيون آھن. گذريل ھڪ ھفتي ۾ ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿيا آھن، 24 آگسٽ تي جھرڪ ڀرسان ٽرڪ ۽ وين ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 9 فوت ۽ 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ھئا. ياد رھي تہ ڪجھ مھينا اڳ چليا ڀرسان ڪراچي واسين جي سوزوڪي جو ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو ھو، حادثي دوران سوزوڪي ۾ سوار سمورا 9 ڄڻا فوت ٿي ويا ھئا..
ڦر دوران شهري پل تان ٽپو ڏئي ڇڏيو
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد پل تي هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار شهري کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ بدران شهري پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي پل تان ٽپو ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته دوستن زخمي ٿيل شخص کي اسپتال منتقل ڪيو جتان پل شروع ٿئي ٿي اتان شهري ٽپو ڏنوهو، پوليس موجب اوچائي نه هئڻ سبب شهري وڏي حادثي کان بچي ويو، پر کيس معمولي زخمي آيا آهن، جن کي اسپتال مان ابتدائي طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو آهي.
شرجيل گوپلاڻي جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي
ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ ٽمبر مارڪيٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي عملي تي تشددواري ڪيس ۾ واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي جي ضمانت درخواست بغير ڪاروائي ۽ ڪراچي بارجي هڙتال جي ڪري 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.شرجيل گوپلاڻي عارضي ضمانت تي آزاد آهي.
حليم عادل ۽ سراج دراني ۾ ” ٽوپي“ تي دلچسپ جملن جي ڏي وٺ
ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙعدالت جي ٻاهران اڳوڻي صوبائي اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي .آغاسراج دراني حليم عادل شيخ کان پڇيوته تون سنڌي ٽوپي پائيندي هئين اڄ اها ڪيپ پائي آيو آهين،اڄ انگريز بڻجي ويا آهيو؟ جنهن تي حليم عادل شيخ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته غلطي ٿي وئي . حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته آغا صاحب توهان جا مهمان آهيون تنهنڪري ان ٽوپي ۾ آهيان ،گهر مان اچان ها ته سنڌي ٽوپي پائي اچان ها،آغا سراج دراني چيو ته جيڪڏهن مان اسيمبلي ۾ هجان هاته اوهان منهنجا مهمان هجو هتي ته نه آيو .حليم عادل شيخ آغاسراج دراني کان ڀچيو ڪيو ته اوهان جي صحت ٺيڪ آهي .جنهن تي آغاسراج دراني چيو ته مون کي ڇا ٿيندو؟ مان ٺيڪ آهيان .آغاسراج دراني کان ڀچيو ڪيو ويو ته ڇاهو حليم عادل کي ٽوپي تحفي ۾ ڏيندو جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته گهر پهچندي ئي کيس ٽوپي تحفي ۾ ڏيندس .
اسٽيٽ بئنڪ هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس اينٽي ڪرپشن عدالت منتقل
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي احتساب عدالت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان اسٽاف ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي انتظاميا سميت ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس قانون جي حوالي سان درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن،عدالت نيب ريفرنس ختم ڪري درخواستن کي اينٽي ڪرپشن عدالت منتقل ڪري ڇڏيو آهي،عدالت سرڪاري آفيسرن سميت 15ماڻهن کي صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي .احتساب عدالت ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان اسٽاف ڪوآپرٽيوهائوسنگ سوسائٽي جي زمين جي حوالي سان ريفرنس ۾ سوسائٽي جي انتظاميا سميت ٻين شريڪ جوابدارن جي پاران نيب قانون جي موجب درخواستن تي ٻڌڻي ٿي .نيب اختيارين پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته سوسائٽي انتظاميا ملي ڀگت ڪري سرڪاري زمين جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪيو آهي،نقلي دستاويز ٺاهي ڪري اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪوآپرٽيوهائوسنگ سوسائٽي جي نالي سان شهرين کي پلاٽ وڪري ڪري رهيا آهن 7سال ٿي ويا آهن پر نيب کي ڪي به ثبوت نه مليا آهن .ان ڪري ڪيس جو فيصلو نه ٿي رهيو آهي .نيب جي نئين ترميم کان پوءِ ڪيس نيب اختيارن جي هٿ مان نڪري ويو آهي .جڏهن ته سوسائٽي جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته نيب قانون جي ترميم کان پوءِ ڪيس نيب نٿي ٻڌي سگهي .ان ڪيس کي واپس ڪيو وڃي .عدالت ڌرين جا موقف ٻڌڻ کان پوءِ عدالت ڪيس کي اينٽي ڪرپشن عدالت منتقل ڪري ڇڏيو.