دادو (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ضلعي صدر ايڊوڪيٽ نجيب الرحمنٰ مهيسر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ستار رند ۽ ماه نور ملاح خصوصي شرڪت ڪئي. سنڌ خصوصن دادو ضلعي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. گورک هل اٿارٽي ۾ ڪرپشن جي اعليٰ سطحي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. ضلعي دادو جي سمورن تعلقن ۽ ڪاڇي جي زمينن مٿان قبضن تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو. دادو جي زمينن تي والار بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي سرڪار سنڌ جون زمينون ۽ قدرتي وسيلا قبضا گيرن حوالي ڪري سنڌ جي تاريخي شناخت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. هڪڙي پاسي ڪارونجھر جي ڪٽائي ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف کيرٿر نيشنل پارڪ تي بحريا ٽائون ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن وسيلي سنڌ جا تاريخي ثقافتي ماڳ ۽ زمينون ڌارين حوالي ڪري سنڌين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي پنھنجي 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ سرڪاري ادارن کي ڪرپشن جو آکاڙو بڻائي ڇڏيو آهي، دادو ٽريزري آفيس سميت ميونسپل ۽ سمورن ادارن ۾ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا ويا آهن، دادو ضلعي جي ٻوڏ متاثرن جي امداد جي فنڊن ۾ تمام گھڻي ڪرپشن ٿي آھي، ٻوڏ متاثرن جي امداد سان پيپلز پارٽي جي وڏيرن جا گدام اڃا تائين ڀريا پيا آھن. پيپلز پارٽي سان واڳيل دادو جي چونڊيل نمائندن، ڪامورن سان ملي ڀڳت وسيلي دادو ضلعي جي ٻوڏ متاثرن جا اربين رپيا کائي هڙپ ڪري ڇڏيا آهن. دادو ضلعي جي ڪاڇي ۽ سمورن تعلقن جي ھزارين ايڪڙ زمين عسڪري ادارن ۽ نجي ڪمپنين کي ڏئي مقامي ماڻهن کي دربدر ڪرڻ جي خطرناڪ سازش رٿي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته دادو جي ڪاڇي ۽ ٻين علائقن جي 67 هزار ايڪڙ زمين جڏهن ته خيرپورناٿن شاھ جي 23000 زمين سان گڏ جوهي جي 44651 ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪري غير ملڪين ۽ فوج حوالي ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. اهي زمينون ڌارين قبضا گيرن حوالي ڪرڻ بدران بي زمين مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گورک هل اٿارٽي ۾ 23 ارب روپين کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳوڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته گورک هل اٿارٽي ۾ ٿيل رڪارڊ ڪرپشن جي سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن تي مشتمل ڪميشن جوڙي جاچ ڪئي وڃي. گڏوگڏ ضلعي جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، ايڊوڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، سنڌو ملاح، علي محمد وڪو، شيخ جمال برهماڻي، ايڊوڪيٽ منصور چانڊيو، هادي بخش کوھارو، بخت حسين ملاح، لال بخش بروهي، ايڊوڪيٽ داد محمد مگسي، غلام مصطفي لغاري، محمد عرس بروهي، برڪت علي ملاح، منظور کوسو، امداد کوسو، عبدالواحد بروهي، محمد ايوب برهماڻي، سڪندر علي رستماڻي، بلاول ٻٻر، پنهل برهماڻي، محمد قاسم کوسو، گلشير رند، علي رضا کوسو، عبدالوحيد بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.