ٽنڊومحمد خان ( ڊ ر) ٽنڊومحمد خان ۾ زيادتي جي الزام کانپوءِ وري تشدد مارڪٽ جو نشانو بڻايل 25 سالا شادي شده عورت جي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿيڻ تي لاش ٽنڊومحمد خان آندو ويو . فوتي عورت جي تدفين وارثن جو مارڪٽ تشدد جي خلاف احتجاج . ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ مبينا طور زيادتي بجاءِ وارثن طرفان تشدد ۽ مارڪٽ جو واقعو ظاهر ڪرڻ تي ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ 25 سالا عورت سيما سومرو جي فوت ٿيڻ تي لاش ڪراچي کان سندس ٽنڊومحمد خان شهر واري رهائشگاهه تي آندو ويو . جتي ڪهرام مچي ويو . جنهن جي بعد فوتي عورت جي لاش جي سندس اباڻي قبرستان پيرشافو ۾ تدفين ڪئي وئي . وارثن ٽنڊومحمد خان پريس ڪلب آڏو تشدد ۽ مارڪٽ جي الزام هيٺ آيل جوابدار حماد راجپوت جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي تنظيمن جي ورڪرن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو . احتجاج ۾ شامل فوتي عورت جي پيرسن امڙ مسمات حنيفان سومرو ۽ ٻين ڄاڻايو ته اسان جي ڌيءَ کي جوابدار حماد راجپوت تمام گهڻو تشدد مارڪٽ ۽ حراسمينٽ ڪئي هئي . جنهن ۾ کيس لڄالٽ جو نشانو نه بڻايو هو پر ڪمري ۾ بند ڪري پکو ۽ بجلي بند ڪئي هئي تمام گهڻي ناانصافي ڪئي آهي . جنهن جي ڪري جوابدار کي فوري طور گرفتاري ڪري سرعام ڦاهي تي چاڙهيو وڃي . فوت ٿي ويل عورت جي وارثن پهرين ڏينهن زيادتي جو ڳالهه ڪئي هئي بعد ۾ وري زيادتي کي مارڪٽ ۽ تشدد جي الزام ۾ تبديل ڪيو ته زيادتي صرف مارڪٽ ۽ تشدد ذريعي ڪئي وئي آهي پر لڄالٽ جو ڪو به واقعو پيش نه آيو هو پر هاڻي عورت جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل نه ڪرايو ويو آهي نه وري پوليس ڪا به ڪاروائي ڪري سگهي آهي . پوليس صرف پهرين ڏينهن الزام هيٺ آيل حماد راجپوت کي گرفتار ڪيو هو وري کيس ڪيس داخل نه ٿيڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو هو . هوڏانهن ساڃاهه وند ڌرين طرفان شهري اتحاد جي صدر نورحسن کوکر آصف چانڊيو ۽ ٻين واقعي جي اعلي سطح تي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.