لاهور(م ڊ) پاڪستان انڊسٽريل اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئشن فرنٽ (پياف) جي چيئرمين فهيم الرحمان چيو آهي ته هن مهانگي بجلي تي نه گهر هلي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪو ڪارخانو.لاهور ۾ فهيم الرحمان انجم نثار، محمد علي ميان، ابو زر شاد، عدنان بٽ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.ان موقعي تي محمد علي ميان چيو ته موجوده صورتحال ۾ مهانگي بجلي جو فوري حل ڪڍيو وڃي.ميان انجم نثار وڌيڪ چيو ته گذريل دور ۾ بجلي، گئس اگهن ۽ ٽيڪسن صنعتن کي تباهه ڪيو.عدنان بٽ چيو ته حڪومت بجلي چوري روڪڻ لاءِ قدم کڻي.
بجلي مهانگي ٿيڻ خلاف کدڙن فقيرن جون ريليون
لاهور(م ڊ) وهاڙي ۾ مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافي ٽيڪس خلاف خواجا سراءَ تنظيم پاران ريلي ڪڍي وئي.ڊويزنل صدر حاجي جعفر ببلي چيو ته حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، مهانگائي سبب ڪم ڪار بند هجڻ ڪري 2 وقت جي ماني به ملڻ مشڪل ٿي وئي آهي.ٻئي طرف راولپنڊي ۾ به کدڙن فقيرن بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (آئسڪو) آفيس جو گهيراءُ ڪيو.هنن چيو ته هن مهانگائي ۾ هو بجلي جا ڳري بل ادا نٿا ڪري سگهن، پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.