پ پ سنڌ ۾ ترقياتي رٿائن جا فنڊ روڪڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ اليڪشن شيڊول جو اعلان ٿيڻ کان اڳ پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت غريبن کي گهر ٺاهي ڏيڻ واري منصوبي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي ڪم روڪي انهن  منصوبن جا فنڊ بند ڪرڻ تي سخت خدشن ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي وزيراعظم کان نوٽيس وٺي سنڌ جي ترقياتي منصوبن جا فنڊ فوري جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو مطالبو پي پي پي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار کهڙو ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان ۽ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي عوام جي خدشن جو ازالو ڪن نه ته سنڌ ۾ احساس محرومي وڌيڪ وڌندي. هن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت ٻڌائي ته ڪهڙي آئين ۽ قانون تحت سنڌ جي ترقياتي منصوبن کي روڪي انهن منصوبن جا فنڊ بند ڪيا ويا آهن هن چيو ته اليڪشن شيڊول کان اڳ سنڌ ۾ ترقياتي فنڊ بند ٿيڻ سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان زيادتي آهي ڇاڪاڻ ته اِهي منصوبا ۽ انهن تي فنڊ بجيٽ ۾ منظور ڪرڻ کان پوءِ رکيا ويا هئا ان لاءِ انهن اسڪيمن تي اليڪشن شيڊول جو اعلان ٿيڻ کان اڳ انهن منصوبن کي بند ڪري نه ٿو سگهجي نه ئي انھن منصوبن جا فنڊ بند ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته تڪبندين سان ترقياتي منصوبن جو ڪو به واسطو ناهي ته پوءِ سنڌ جي ترقياتي منصوبن جا فنڊ ڇو بند ڪيا ويا آهن؟. نثار کهڙو چيو ته سنڌ 70 سيڪڙو روينيو ادا ڪرڻ وارو صوبو آهي ۽ سنڌ جي ترقي روڪڻ ملڪ کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ برابر عمل هوندو. هن چيو ته عوام پهريان ئي مهانگائي، بجلي جي واڌو بلن ۽ پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب سخت پريشان آهي ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جا فنڊ بند ڪرڻ سان بيروزگاري ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ترقيءَ جو عمل رڪجڻ سان ملڪ کي وڌيڪ معاشي نقصان سان منهن ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.