گڊز ٽرانسپورٽرز پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان جا ٽرانسپورٽر گاڏيون بيهارڻ  تي مجبور آهيون . تفصيل موجب پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم کانپوءِ نگران حڪومت به ظلم ۽ جبر جون حدون پار ڪري ڇڏيون آهي. پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان عام ماڻهو متاثر ٿيو آهي، پي ڊي ايم حڪومت کانپوءِ نگران حڪومت به عام ماڻهو جي وات مان ماني جو گرھ کسي رهي آهي، ملڪ شهزاد چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن سان ٽرانسپورٽر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن ، هن مهانگائي ۽ ڊيزل جي اگهن سان ڪاروبار ڪرڻ ممڪن ناهي، ٽرانسپورٽن چيو ته وڌيڪ هن ظلم سان گڏ نه ٿا هلي سگهون اسان جا ٽرانسپورٽر گاڏيون بيهارڻ  تي مجبور آهن، ٽرانسپورٽر تنظيمن سان مشاورت بعد رد عمل جو اعلان ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.