پي ٽي آءِ چيئرمين ملعون سلمان رشدي جي وڪيل کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو آهي: عطا تارڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين ملعون سلمان رشدي جي وڪيل کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته عمران خان جي عالمي عدالتن ۾ نمائندگي لاءِ بئريسٽر جيفري رابرٽسن کي هائير ڪيو ويو آهي، هي اهو ئي وڪيل آهي، جيڪو ملعون سلمان رشدي جو به وڪيل رهيو آهي، سياست بچائڻ لاءِ توهان سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.
هن چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جو عالمي عدالت ۾ وڃڻ جي اعلان جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا اعلان جو مطلب رياست ۽ ملڪ خلاف عالمي عدالت ۾ وڃڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف چيئرمين 9 مئي تي ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو ۽ ملڪي ادارن خلاف ڪم ڪيو، هڪ سياسي جماعت ملڪ تي حملا ڪيا.
عطا تارڙ چيو ته 9 مئي واقعن ۾ توهان جو سڄو خاندان ملوث آهي، ڇا ڪير پنهنجي سياست اچڻ لاءِ ايتري حد تائين وڃي سگهي ٿو؟ هڪ شخص سڄي نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته اڄ ملڪ ۾ ماڻهو مهانگائي کان تنگ آهن، 4 سالن ۾ توهان هڪ سِر نه لڳائي، پي ٽي آءِ چيئرمين فتنو آهي، اهو ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.